کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > ڪنهن جي هٿن تي منهنجي رت جا نشان آهن؟

ڪنهن جي هٿن تي منهنجي رت جا نشان آهن؟

ويچار ڊيسڪ
September 2nd, 2008

انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم جي وزير ڊاڪٽر انصاف برني ۽ انساني حقن جي ڪميشن (بلوچستان چيپٽر) جي گذريل اڳواڻ ايڊوڪيٽ ظهور شاهواڻي بلوچستان ۾ پنج عورتن جي زنده دفن ڪرڻ واري واقعي جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي.

 

بنهيءَ هن واقعي کي بربريت ۽ ظلم چوندي هن واقعي جي ذميوارن کي انجام تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

ظهور شاهواڻي ٻڌايو آهي ته بلوچستان هاء ڪورٽ هن واقعي جو پاڻمرادو نوٽس ورتو آهي ۽ انساني حقن جي ڪميشن کي هڪ ڌر جي طور تي عدالت ۾ طلب ڪيو آهي. پر هن سوال تي جو معاشري ۾ موجود رسم، رواج، سياسي هستين جو دٻاءُ ۽ ٿاڻي ڪلچر جي موجودگي ۾ انصاف جي اُميد ڪري سگهجي ٿي، ظهور شاهواڻي جو چوڻ هو ته مونکي هن ڳالهه جو خدشو آهي ته ايف آءِ آر لڪچر ۽ سياسي مداخلت قاتلن جو بچاءُ ڪندي.

 

ڊاڪٽر انصار برني، سينيٽر اسرار الله زهري باري هن واقعي جي مذمت ڪئي آهي ۽ سندس رڪنيت معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. بلوچستان جي پنج عورتن کي زنده دفن ڪرڻ جو واقعو تڏهن پيش آيو جڏهن انساني حقن جي ملڪي ۽ غير ملڪي تنظيمن ۽ بين الاقوامي برادري پاڪستان تي پهريان تنقيد ڪري رهيون آهن.

 

هڪ وڏي انگ ۾ گم ٿيل ماڻهن جو مامرو ۽ ميڊيا جي نمائندو کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ قتل، وڪيل ۽ سول سوسائٽي ۽ رياست جي تشدد جا اهڙا واقعا تصويرن سان عالمي ميڊيا جي سامهون ظاهر ٿي رهيا آهن.

 

اهڙي حالتن ۾ بلوچستان ۾ عورتن کي بس ان ڪري زنده دفن ڪيو ويندو آهي ته اُهي پسند جو پرڻو ڪرڻ چاهينديون هيون، جبر، بربريت جي شرمناڪ مثال آهي. هن تي ملڪ جي ايوان ۾ هڪ بلوچ سردار هن واقعي جي حمايت ڪندي چيو آهي ته اهو بلوچ قبائلي ريت جو حصو آهي، هن مامري کي وڏو ايشو نه بڻايو وڃي.

 

هن موقعي تي سوال ڪري سگهجي ٿو ته اها ريت ته تاريخ جي صفحن موجب مذهب اسلام جي ظهور کان پهريان به موجود هئي ۽ اسانجو مذهب اهڙي ريت جي خاتمي جو درس ڏيندو آهي ۽ اڄ جو سردار توڙي هو بلوچستان، سنڌ، پنجاب يا سرحد مان هجي هو ڪنهن جو پيروڪار آهي، مذهب جو يا ريت جو يا موقع محل موجب ٻنهيءَ جو؟

 

جڏهن مذهب پنهنجو دائرو سوڙهو ڪري ته ريت ۾ پناهه جي ڳولاءُ ڪئي وڃي ۽ جڏهن ريت ساٿ ڇڏي ته مذهب جو آسرو ورتو وڃي؟ ڇا ريتون صرف عورتن لاءِ لاگو ڪيون وينديون آهن؟ ڇا مرد بلڪ سردار سدائين پاڪ صاف هوندا آهن؟ ڇا هو پنهنجي ڪرتوتن کان واقف هجڻ باوجود به ٻين کي پٿر هڻڻ جو حق رکندا آهن؟

 

بلوچستان جي هڪ نمائندي سينيٽر جي هن واقعي جي حق ۾ آواز کڻڻ سان گنجائش پيدا ٿي سگهي ٿي ته صوبي ۾ هلندڙ فوجي آپريشن جي خلاف سموري ملڪ کان اُٿندڙ آوازون گهٽجي وڃن.

 

ٻي پاسي اهو ڏسڻ گهرجي ته زمين ۾ رڙيون صرف انصاف جي ايوانن ۾ ڪيستائين ۽ ڪيئن ٻُڌيون وينديون آهن. حڪومت جنهن جي عملداري ۽ مقبوليت ۽ عدليه جنهن جي آزادي ۽ غير جانبداري تي پهريان سوال ڪيا وڃن ٿا، ٻنهيءَ لاءِ هڪ وڏو امتحان آهي. هاڻي ڏسندا سين ته بنت آدم کي انصاف زمين تي ملندو يا هڪ دفعو وري آسمان ڏانهن ڏسڻو پوندو.

 

 

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com