بلوچستان جي شهر نصير آباد ۾ ڪاروڪاري جي الزام ۾ زنده دفن ڪيل ٻن ڇوڪرين جا مڙهه قبر کوٽڻ کانپوءِ ڪڍيا ويا آهن. پوليس موجب ٻنهيءَ مري ويل ڇوڪرين جي جسم تي گولين جا نشان آهن ۽ کين ڪفن کان بغير دفنايو ويو هو.
ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پوليس نصير آباد شبير احمد شيخ ٻڌايو آهي ته قبرون ڇوڪرين جي آباڻي ڳوٺ کان ڏهه ڪلوميٽر جي مفاصلي تي موجود هيون. سندس چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن، پوليس ۽ ماجسٽريٽ جي موجودگي ۾ قبر ڪشائي ڪئي وئي جٿان ٻنهيءَ ڇوڪرين جا مڙهه هٿ آيا آهن ۽ سندن جسمن تي گولين جا نشان پڻ آهن.
شبير احمد شيخ ٻڌايو آهي ته ڇوڪرين کي بغير ڪفن جي ساده ڪپڙن ۾ دفن ڪيو ويو هو جنهن کان ظاهر ٿيندو آهي ته هنن ڇوڪرين کي ڪاروڪاري جي الزام ۾ قتل ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته اهڙي واقعن ۾ مڙهه کي ڪفن کان بغير دفنايو ويند آهي. مقامي صحافي هاشم بلوچ ٻڌايو آهي ته هن واقعي جي جاچ ٿي رهي آهي.
پهريان مليل اطلاعن ۾ اها ڳالهه واضع ٿي هئي ته پنج عورتن کي زنده ساڙي دفنايو ويو هو جنهن کانپوءِ پوليس ٻڌايو ته اهي عورتون نه بلڪ مرد هئا جن کي قتل ڪيو ويو هو. سنڌ اسيمبلي ۾ ڪالهه معني سومر تي هن واقعي جي مذمت ڪئي وئي هئي پر بلوچستان ۾ هن حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه نه ڪئي وئي.
مخلوط حڪومت ۾ شامل بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر اررار الله زهري قتل جي هن واردات کي بلوچ ريت ڄاڻايو آهي.