بلوچستان جي شهر نصير آباد جي ڳوٺ ۾ قتل ٿيل ٻن عورتن جي لاشن جي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب هنن عورتن کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ قتل ڪيو ويو آهي ۽ ڊاڪٽر موجب سندن جتم تي گولين جا نشان ڪونه هئا. واضع رهي ته پوليس انتظاميه جو چوڻ هو ته ڇوڪرين جي لاشن تي گولين جا نشان هئا.
پوليس سرجن ليڊي ڊاڪٽر شميم گل مشواڻي ٻڌايو آهي ته ٻنهيءَ ڇوڪرين جي ڄمار ويهه کان پنجويهه جي درميان هئي ۽ سندن مٿي تي لٺون هڻي کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. ٻنهيءَ ڇوڪرين جا مٿا ۽ پاسيريون ڀڳل هيون جڏهن ته سندن رت بلڪل تازو آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻنهيءَ لاشن جي جسم تي گولين جا نشان ڪونه آهن نه وري اهڙا ثبوت مليا آهن ته ٻنهيءَ ڇوڪرين کي زنده دفن ڪيو ويو آهي جنهن کڏ ۾ کين اُڇلايو ويو هو گهڻو گهرو ڪونه هيو، ٿي سگهي ٿو ته کين بيوقوفي سان دفن ڪيو ويو هجي. سندس چوڻ آهي ته ٻنهيءَ ڇوڪرين جي جسم تي جانورن جي پٽڻ جا نشان موجود آهن.
بُنيادي اطلاعن موجب پنج عورتن کي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ زنده دفن ڪيو ويو هو پر وري اهڙيون اطلاعون مليون آهن ته اُهي چار عورتون هيون.
اوسته محمد کان انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻ عبدالله مگسي ٻڌايو آهي ته اُهي پنج عورتون هيون جن مان چار کي قتل ڪيو ويو جڏهن ٻه ٻن ڇوڪرين جون لاءِون جانور کڻي ويا هوندا. سندس چوڻ آهي ته اُهي عورتون پرڻايل هيون ۽ کين هڪ گڏ کوٽي فائرنگ ڪري ماريو ويو ۽ بعد ۾ کين هڪ ئي گڏي ۾ اُڇلايو ويو هيو.
نصير آباد جي پوليس انتظاميه ٻڌايو هو ته لاشن جي جسم تي گولين جا نشان آهن هن باري ليڊي ڊاڪٽر شميم گل مشواڻي جو چوڻ آهي ته لاشن کي ڏسڻ کانپوءِ بلڪل ائين محسوس ٿيو جو پر جسم تي ڪٿي به گولين جا نشان ڪونه هئا نه وري ڪو اهڙو نشان مليو آهي جنهن کي گولي جو نشان چئي سگهجي.
نصير آباد جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام شبير شيخ گذريل ڏينهن ڊيره مراد جمالي ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي ٻڌايو ته ٻنهيءَ ڇوڪرين جا مڙهه بابا ڳوٺ کان ڏهه ڪلوميٽر جي مفاصلي تي هڪ ويراني مان هٿ آيا آهن ۽ ٻهيءَ کي هڪ ئي گڏ ۾ ڪفن کان بغير عام ڪپڙن ۾ دفن ڪيو ويو هو.
سندس چوڻ آهي ته هڪ مڙهه کي ڪُتن کڏ مان ڪڍي ورتو هو پر وري هتي ڪجهه شڪاري پهتا ۽ هنن مڙهه کي کڏ ۾ وري دفن ڪري ڇڏيو. غلام شبير شيخ موجب زنده دفن ڪيل لاشن جا هڏ گوڏا ڪونه ڀڳل هوندا آهن ۽ سندن موت ساهه بند ٿيڻ سان ٿيندي آهي. سندس چوڻ آهي ته جيئن لاشن کي دفن ڪيو ويو هن کان ظاهر ٿيندو اهي ته عورتن کي ڪارو ڪاري جي الزام ۾ قتل ڪيو ويو آهي.
پوليس ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم سان گڏ ويل صحافين کي جڏهن خبر پئي ته هنن عورتن کي ڪٿي دفن ڪيو ويو هو ته هنن ٻڌايو ته پوليس ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم رُڃ ۽ بربٽ کان گذرندي جڏهن موقع تي پهتي ته هتي پهريان کان پوليس اهلڪار موجود هئا ۽ هنن ست اٺ جاين تي گڏ کوٽيا هئا. هن هنڌ تي ڇاڪاڻ ته تازه مٽي موجود هئي ۽ کڏ کوٽڻ کانپوءِ ٻنهيءَ عورتن جا مڙهه هٿ آيا.
سندس چوڻ هو ته ڇوڪرين جا منهن مسخ ٿيل هئا جنهن سبب ڊاڪٽرن موجب سندن سڃاڻ ڪونه ٿي سگهندي.