اربع جي ڏينهن ساهيوال ضلع جي عدالت ۾ جج نديم شوڪت جي عدالت جي ٻاهر 17 سالن جي هڪ ڇوڪري کي سندس پيءُ ۽ ڀاءُ گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ٿاڻي ڪمير جي نصرت سيشن ڪورٽ ۾ شادي ٽوڙائڻ لاءِ آئي هئي. ڇوڪري جي شادي 2001ع ۾ ڪرايو ويو هو جڏهن سندس عمر 9 سال هئي. ڇوڪري اها شادي ختم ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو هو ۽ عدالت ڇوڪري جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو هو. ڇوڪري جو پيءُ ۽ ڀاءُ هن فيصلي سان راضي ڪونه هئا. جڏهن ڇوڪري عدالت ۾ بيان ڏئي ڪري ٻاهر نڪتي ته سندس ڀاءُ کيس ٻاهر نڪرندي ئي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو.