ڪوئيٽا ۾ پوليس جاچ ۾ اها دکدائڪ ڳالهه منظر عام تي آئي آهي ته بلوچستان ۾ زنده دفن ڪيل بدنصيب عورتن مٿان سڀ کان پهريان تشدد ڪيو ويو ۽ هڪ رات اڳ عمراڻي قبيلي جرگي ۾ اهو فيصلو ڪيو هو. ذريعن ٻڌايو آهي ته پهريان عورتن مٿان تشدد ڪرڻ جو فيصلو جرگي ۾ شامل اڻ ڄاتل رُڪنن ۾ الاهي دير تائين بحث ٿيڻ کانپوءِ ڪيو ويو، جيڪڏهن اهو معامرو حل ٿي ته جلدي علائقي جي اهڙي سگهاري ماڻهن جا نالا منظر عام تي اچي سگهن ٿا جن جرگو ڪوٺائڻ سان گڏ هنن عورتن کي سزا ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو هو.
پوليس هنن طاقتور هستين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪري رهي آهي جن مقامي پوليس کي اهو ڏوهه ڪندڙن جي خلاف زبردستي ايڪشن ڪرڻ کان جهليو ويو جو جيئن جاچ اڳتي وڌي رهي آهي پوليس تفتيش ڪار هن ڳالهه جا قائل ٿي رهيا آهن ته هنن عورتن مٿان لٺين سان تشدد ڪيو ويو پوءِ کين گوليون هڻي زنده دفن ڪيو ويو.
هن ڳالهه سان ڪهاڻي جي هن پهرين نظريي جي تصديق ٿيندي آهي ته اُهي عورتون حقيقت ۾ زخمي هيون ۽ هن کانپوءِ کين زنده دفن ڪيو ويو. اعلي ذريعن دعوي ڪئي آهي ته ڪوئيٽا ۾ طارق کوسه جي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ خاص ٽيم سان جاچ دوران هڪ ڏوهاري تعاون ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ تمام اهم ڳالهيون ٻڌائي رهيو آهي. هن سان پوليس کي پنهنجو نظريو ٺاهڻ ۾ مدد ملي آهي ته شايد اهو واقعو ائين پيش آيو هجي ڇاڪاڻ ته هنن عورتن کي گن پوائنٽ تي ڪيترن ئي ماڻهن جي سامهون اغوا ڪيو ويو هو ۽ ڪيئن هنن سان غير انساني سلوڪ ڪيو ويو.
هن کان علاوه پوليس هن ٽيڪسي ڊرائيور جي ڳولاء ڪري رهي آهي جيڪو هنن عورتن کي ”استا محمد“ کڻي ويو جتي هنن ڇوڪرين قانون جي عدالت ۾ شادي ڪرڻي هئي. ڊرائيور جي برآمد ٿيڻ سان پوليس کي ڏوهارين جي ڳولاء ۾ مدد حاصل ٿيندي ۽ سندس مدد سان ڏوهارين کي انجام تائين پهچايو ويندو جن سموري قوم کي صدمو ڏنو آهي.
ذريعن موجب گڏ ڪيل جاچ رپورٽ موجب ڪوئيٽا ۾ پوليس ٽيم هن ڳالهه جي قائل ٿي رهي آهي ته هنن عورتن کي دفن ڪرڻ کان پهريان جرگو ٿيو هو. هن شڪ جو ڪارڻ هي آهي ته هنن عورتن کي ٿڏي تي قتل ڪونه ڪيو ويو جٿان عمراڻي قبيلي جي مسلح ماڻهن کين اغوا ڪيو هو.