بلوچستان پوليس هن نئين گواهي جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ ته پنج عورتن کي زنده دفن ڪرڻ کان اڳ هنن مٿان لٺين سان تشدد ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ٽريڪٽر جي بليڊن سان زخمي ڪيو ويو، ڪيس ۾ شامل چار ڏوهارين جي خلاف انسداد دهشتگردي ايڪش هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ سياسي تعلق رکندڙ ٻين قبائلين جي گرفتار ٿيڻ جي اُميد آهي ڇاڪاڻ ته پوليس کي هنن جو اهڙي غير انساني ڏوهه ۾ سنئون سڌو شامل هجڻ جي گواهي ملي آهي.
هنن بار بار اها ڳالهه ورجائي آهي ته هنن عورتن کي بُري طريقي سان قتل ڪيو ويو. هن کان علاوه ڇوڪرين کي رُڃ ۾ دفن ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ جرگو ڪندڙ رُڪن هن ڳالهه جي خبر ملڻ کانپوءِ ته بلوچستان پوليس هنن جي ڳولاء ڪري رهي آهي اُهي خاموشي سان پنهنجي گهرن کان فرار ٿي ويا آهن.
هن کان علاوه ڪيترن ئي ذريعن ٻڌايو آهي ته جڏهن هنن ڇوڪرين کي ”اوسته محمد“ کان اغوا ڪرڻ کانپوءِ جٿي هنن عدالت ۾ شادي ڪرڻي هئي کين بابا ڪوٽ ۾ پنهنجي گهرن ۾ قيد ڪيو ويو هتي جرگي ۾ هنن ڇوڪرين کي چيچلائي مارڻ جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو.
هنن ڇوڪرين کي قيد کان ٻاهر ڪڍي تيز بليڊن واري ٽريڪٽر جي سامهون بيهاريو ويو، ڊرائيور جي سيٽ تي ويٺل ماڻهون هنن خوفزده ڇوڪرين تي بليڊ استعمال ڪري رهيو هو جيئن ئي ڇوڪريون مٿي ۽ جسم جي ٻين حصن تي زخمن سبب بيحوش ٿي هيٺ ڪريون ته هتي موجود ماڻهن مان ڪنهن هنن تي فائرنگ ڪئي جڏهن ته ڇوڪريون زمين تي رت جي تالاب ۾ ڪريل هيون ته ٽريڪٽر جي ڊرائيور ڇوڪرين جو منهن خراب ڪرڻ لاءِ بليڊ استعمال ڪيو پوءِ ڇوڪرين جي جسمن کي هڪ کڏي ڏانهن ڇڪيو ويو جٿي ڇوڪرين جا مڙهه خراب ڪرڻ لاءِ ٻيهر سموري طاقت سان ٽريڪٽر جي بليڊن جي ذريعي وار ڪيا ويا.
ٻه فُٽ گهري قبر کي انهيءَ ٽريڪٽر مٽي ۽ پٿرن سان پوري ڇڏيو. هڪ شڪاري جي شڪايت ڪرڻ تي جو هن رُڃ جي جانور کي هڪ ڇوڪري جو جسم کائيندي ڏٺو آهي پر اُهي ماڻهون ٻي ڏينهن هنن ڇوڪرين کي ٻيهر دفن ڪرڻ لاءِ آيا، ڏوهارين ڇوڪرين جي لاشن کي ٻيهر دفن ڪري ڇڏيو.