کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > عزت جي نالي تي عورتن جو قتل جُرم لڪائڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي

عزت جي نالي تي عورتن جو قتل جُرم لڪائڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي

ويچار ڊيسڪ
September 7th, 2008

اُردن جي ارڙهن سالن جي ماها جڏهن رنڊي بازي جو پيشو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ته سندس ڀاءُ کيس ”عزت جي نالي تي قتل“ ڪري ڇڏيو.

 

ماها اُردن جي هنن هزارن مان نه بلڪ سوين عورتن مان هڪ آهي جن کي هر سال سندن مڙس ۽ مٽ مائٽ عزت بچائڻ لاءِ ”عزت جي نالي“ تي قتل ڪندا آهن.

 

اقوام متحده رپورٽ پيش ڪئي آهي ته اهڙا جُرم برازيل، برطانيا، ايڪواڊور، هندستان، اسرائيل، اٽلي، سويڊن، ۽ يوگنڊا جهڙي غير مسلم ملڪن سان گڏ مراڪو، پاڪستان ۽ ترڪي جهڙي اسلامي ملڪن ۾ به ٿيندا آهن.

 

اُردن ۾ ساليانو 15 کان 20 عورتن کي عزت جي نالي تي قتل ڪيو ويندو آهي. هلندڙ سال ۾ اڃان تائين اٺ عورتون عزت جي نالي تي قتل ٿيون آهن. گذريل سال سترهن عورتن کي قتل ڪيو ويو هو. پر ”عزت جي نالي تي قتل“ هن معاشري ۾ جرم لڪائڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن.

 

ججن، وڪيلن، ماڻهن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ دانشورن جو خيال آهي ته اهڙي طرح ڪيترن ئي ڪيسن ۾ عورتن باري غلط فهمين کي وراثتي ملڪيت، خانداني مامرا حل ڪرڻ ۽ پنهنجا ڏوهه لڪائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن. اُردن ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم جو چوڻ آهي ته ”ماها رنڊي بازي جهڙي پيشي مان نڪرڻ چاهيندي هئي، ان ڪري سندس ڀاءُ کيس عزت جي نالي تي قتل ڪري ڇڏيو.

 

سندس ڀاءُ نشئي ۽ ڏوهاري هيو. ڀيڻ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ هن بيان ڏنو ته آئون پنهنجي خاندان جي عزت بچائڻ لاءِ کيس قتل ڪيو آهي. اها ڳالهه واضع ٿي چُڪي آهي ته ماها رنڊي بازي جي پيشي ۾ ملوث هئي. سندس ڀاءُ کي صرف 2 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي.“

 


 

 

Powered by: PHPCow.com