کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > شڪارپور: جرماني عيوض 6 ڇوڪريون، ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

شڪارپور: جرماني عيوض 6 ڇوڪريون، ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ويچار ڊيسڪ
September 8th, 2008

ڊي پي او شڪارپور جرماني جي طور تي ڇهه ڇوڪريون مختلف قبيلن کي ڏيڻ جي فيصلي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي جرگي ۾ شامل سموري ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. ڊي پي او شڪارپور خادم حسين رند جي هدايت تي جرگي ۾ موجود سموري ماڻهن جي خلاف ٿاڻي ڳوٺ شاهو ۾ ڪيس درج ڪيو ويو آهي.

 

پوليس ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ ڏوهارين جي ڳولاء ڪري رهي آهي. پوليس موجب ڪچي جي علائقي چڪ جتوئي قبيلي جي ٻن ٽولن ۾ 6 سالن کان هلندڙ اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ يوسي مير نياز حسين جتوئي جي قيادت ۾ جرگو ٿيو.

 

جرگي ۾ قتل جو الزام ثابت ٿيڻ کانپوءِ جرماني جي طور تي ڇهه معصوم نينگرين جو نڪاح هنن کان ٻيڻي عمر جي ماڻهن سان پڙهايو ويو ۽ هڪ تيرهن سالن جي معصوم ڇوڪري کي پنجونجاهه سال جي پوڙهي ماڻهون جي حوالي ڪيو ويو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com