مندي بهاؤالدين ۾ ايف ايس سي جي يتيم شاگردياڻي سان اجتماعي لڄالُٽ ڪرڻ کانپوءِ تيزاب هاري منهن ساڙڻ جو ڪيس مرڪزي ڏوهاري 12 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ به اڃان تائين گرفتار ڪونه ٿي سگهيو آهي ڏوهاري ڇوڪري کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. ٿاڻو صدر منڊي بهاؤالدين جي علائقي چڪ بساوا کان 12 ڏينهن پهريان اغوا ٿيندڙ يتيم شاگردياڻي پمز اسپتال ۾ جيو نيوز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته ڏوهاري پاڻ الزام مڙهي رهيا آهن جيڪي بي بُنياد ۽ غلط آهن.
مرڪزي ڏوهاري کي مظهر اسپتال ۾ ڏٺو ويو آهي منهنجي ڀائيٽي مرتضي سندس ڪڍ ويو پر هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، شاگردياڻي موجب ڏوهاري قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، شاگردياڻي جي ڀائيٽي مرتضي ٻڌايو آهي ته هن اسپتال ۾ ٻه دفعي کيس ڏٺو آهي جنهن کانپوءِ اسپتال انتظاميه مقامي پوليس کي ڏوهاري جون تصويرون پڻ ڏنيون آهن.
ٻي پاسي ٿاڻي صدر منڊي بهاؤالدين جي ڊي ايس پي طاهر نواز وڙائچ ٻڌايو آهي ته ڪيس جي مرڪزي ڏوهاري جي گرفتاري لاءِ ڪيتريون ئي ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن، ڏوهاري جلدي گرفتار ٿي ويندو ڇوڪري کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي باري ڊي ايس پي جو چوڻ هو ته اسانکي خبر ناهي ته ڏوهاري ڪڏهن اسپتال اچي ڪري ڇوڪري کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.