سينٽ جي انساني حقن جي فنڪشنل ڪاميٽي بلوچستان ۾ عورتن کي زنده دفن ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي تحقيقاتي ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو هڪ مهيني ۾ رپورٽ پيش ڪن، چيئرمين چيو آهي ته جيڪڏهن هي ڪاروڪاري وارو مامرو آهي ته پوءِ ڪارو ڪاري جي ڏوهاري کي سامهون آندو وڃي.
نيشنل پوليس بيورو جي ڊائيريڪٽر جنرل طارق کوسي ڪاميٽي کي يقين ڏيارايو آهي ته مامري جي تحه تائين جلدي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ڪاميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ چيئرمين ايس ايم ظفر جي قيادت ۾ ٿيو. آءِ جي بلوچستان آصف نواز ٻڌايو ته بُنيادي رپورٽ موجب هي واقعو جولاء جي پهرين هفتي ۾ پيش آيو ۽ هن واقعي جي ايف آءِ آر 24 آگسٽ تي داخل ڪرائي وئي ۽ هڪ ئي ايف آءِ آر درج ڪئي وئي آهي. هن واقعي جي حوالي سان 4 ڏوهارين کي انسداد دهشتگردي ايڪٽ جي تحت گرفتار ڪري هنن کان تفتيش جو سلسلو جاري آهي.
هنن ٻڌايو آهي ته ٻن عورتن کي گوليون هني قتل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ کين زنده دفن ڪيو ويو جنهن ڏوهاري گوليون هلايون هو اڃان تائين فرار آهي. ڇوڪرين جا مٽ مائٽ هن باري ڳالهائڻ کان ڊيڄي رهيا آهن ۽ قتل ٿيل ڇوڪرين کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو آهي ته ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊي پي او کي معطل ڪرڻ جي آءِ جي صاحب سفارش ڪئي آهي.
سينٽ جي رُڪنن صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي بڌايو آهي ته عورتون مختلف وارداتن ۾ قتل ٿيون آهن. ٻن عورتن جي قبر جي نشاندهي ٿي آهي جڏهن ته هڪ عورت جي قبر جي نشاندهي ٿيڻ باقي آهي. قائد ايوان رضا رباني جو چوڻ آهي ته غيرت جي نالي تي قتل جي واقعي ۾ رياست کي فريادي هجڻ گهرجي.