بلوچستان ۾ زنده دفن ڪيل عورتن مان هڪ عورت جي پيءُ طرفان هٿ سان لکيل درخواست جيڪا پوليس کي اُماڻي وئي هئي هاڻي منظر عام تي آئي آهي جنهن سان هن غير انساني ڪهاڻي جو نئون رُخ سامهون آيو آهي. درخواست کي اڃان تائين خفيه رکيو ويو آهي جنهن ۾ واضع طور تي ٻڌايو ويو آهي ته ڪيئن بي وس روحن کي خاموشي سان سندن مڙسن کي اطلاع ڏني بغير قتل ڪيو ويو جيڪي هاڻي کين معصوم سمجهي رهيا آهن.
غيرت جي نالي تي قتل ٿيندڙ عزت خاتون ٻه ننڍن ننڍن ٻارن جي ماءُ هئي. سندس پيءُ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او جي نالي درخواست ۾ سندس ڌيءُ جي پنهنجي ئي قبيلي جي هٿان موت جي تفصيل کان پڙدو کنيو آهي. بعد ۾ علائقي جي ٻه وڏي ماڻهن جي دٻاءُ وجهڻ تي عطا محمد کي ايف آءِ آر واپس وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. بلوچستان پوليس هن سياسي ماڻهون کي سڃاڻي ٿي جنهن جي دٻاءُ هيٺ هن ايس ايڇ او ڪيس داخل ڪونه ڪيو پر هو پوليس اهلڪار پنهنجون نوڪريون بچائڻ لاءِ هنن کي گرفتار ڪرڻ کان ڊيڄي رهيا آهن.
عطا محمد جي لکيل درخواست ”دي نيوز“ وٽ آهي جنهن کي بلوچستان پوليس ڪچري جي ٽوڪري ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيو هو ۽ درخواست ڏيندڙ کي قبائعيل رواجن جي آڌر ۾ درخواست واپس وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. عطا محمد جي بيان موجب اٺ سال اڳ هن سندس ڌيءُ عزت خاتون جي شادي تمبو جي سمنڊ خان عمراڻي جي پُٽ زاهد الياس زاهدو سان ڪئي هئي. سندس ڌيءُ ٻه ٻارن کي جنم ڏنو هو. پنڌرهن ڏينهن اڳ جڏهن عطا محمد سندس ڌيءُ کي ملڻ ويو ته سندس ڌيءُ گهر ۾ موجود ڪونه هئي.
جڏهن عزت خاتون جي پيءُ پاڙيسيرين کان سندس ڌيءُ باري پڇيو ته کيس خبر پئجي وئي ته عزت خاتون سندس مڙس ۽ ٻارن سميت ڪوئيٽا وئي آهي. جڏهن هن وڌيڪ پڇاگاڇا ڪئي ته کيس ٻڌايو ويو ته سندس ڌيءُ چيڪ اپ لاءِ اوسته محمد وئي هئي پر گن پوائنٽ تي ٽي قبائلي نوجوانن محمد قاسم، رحمت الله ۽ جابت کيس زبردستي اغوا ڪري ورتو هو. مسلح ماڻهن سندس ڌيءُ کي گاڏي ۾ اغوا ڪري ڪنهن اڻ ڄاتل هنڌ کڻي ويا ۽ سندس ڌيءُ کي ”ڪاروڪاري“ قرار ڏيڻ کانپوءِ قتل ڪري اڻ ڄاتل هنڌ دفن ڪيو ويو هو.
عطا محمد ايس ايڇ او کي لکيو ته سندس ڌيءُ معصوم ۽ بيڏوهي آهي ۽ ٽن نوجوانن کيس بي رحمي سان قتل ڪيو آهي. هو هڪ بي دل پيءُ وانگر ڌي جي قبر ڳوليندو رهيو پر ڪجهه به حاصل نه ٿيو. عطا محمد چيو ته هن کي علائقي جي ماڻهن تصديق ڪرائي آهي ته سندس ڌيءُ کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو ۽ سندس ڌيءُ کي باقاعده اسلامي ريتن جيڪو هر مسلمان جو حق آهي کان بغير اڻ ڄاتل هنڌ دفن ڪيو ويو آهي. عطا محمد پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته سندس ڌيءُ کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ قتل ڪندڙ ٽنهيءُ ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي پر علائقي جي ڪجهه وڏيرن جي سبب (جيڪي هاڻي روپوش ٿيل آهن) عطا محمد جي درخواست ايف آءِ آر ۾ تبديل ڪونه ٿي سگهي آهي.