کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > ڪاروڪاري: پيءُ هٿان ڌيءَ قتل

ڪاروڪاري: پيءُ هٿان ڌيءَ قتل

ويچار ڊيسڪ
September 25th, 2008

سنڌ جي ساحلي ضلع ٺٽي ۾ هڪ ماڻهون سندس پندرهن سالن جي ڌيءَ کي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو. ٺٽي پوليس موجب ميون جو واپار ڪندڙ اسلم قريشي اسر جي مهل ننڊ ڪندڙ نياڻي کي پٿر سان وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

 

قتل کانپوءِ اسلم پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اسلم قريشي مقامي پوليس کي ٻڌايو آهي ته سندس ڌيءَ جا هڪ پاڙيسيري ڇوڪري سان ناجائز تعلق هئا ۽ انهيءَ ڪارڻ هن سندس ڌيءَ کي قتل ڪيو آهي. پوليس پنڌرهن سال جي ڇوڪري زينت جو مڙهه مقامي اسپتال پهچائي ڇڏيو آهي ۽ جوابدار ڇوڪري کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي پر اڃان تائين سندس خلاف ڪو ڪيس داخل ڪونه ڪيو ويو آهي.

 

سنڌ صوبي ۾ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ هڪ هفتي ۾ پيءُ جي هٿان ڌيءَ کي قتل ڪرڻ جو ٻيو واقعو پيش آيو آهي. ٻه ڏينهن اڳ جيڪب آباد ضلع جي تحصيل ٺل ۾ محمد خان بنگلاڻي نالي جي ماڻهون سندس 10 ورهين جي ڌيءَ حنيفان خاتون کي ڦاهي ڏئي قتل ڪري ڇڏيو هو.

 

ٺل پوليس جي هڪ آفيسر سڪندر سومرو بي بي سي ورلڊ کي ٻڏايو هو ته ڳوٺ لال خان ڦوڙ جي رهواسي ۽ حنيفان خاتون جي ڀاءُ عرض محمد جي درخواست تي ڏوهاري کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com