پاڪستان ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل ۾ گهٽتائي ڪونه ٿي آهي. عورت فائونڊيشن جي هڪ سروي موجب پاڪستان جي ڪيئين علائقن ۾ صرف ڇهه مهينن جي دوران 225 عورتن کي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي.
تنظام جو چوڻ آهي ته غيرت جي نالي تي قتل جا پاڪستان جي ڪيئين علائقن ۾ نالا بدلجي ويندا آهن پر رسمون ۽ ريتون ساڳيو رهنديون آهن ۽ عورتن کي اجايو الزام هڻي قتل ضرور ڪيو ويندو آهي.
عورت فائونڊيشن اسلام آباد جي ملڪ اصغر بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام کي ٻڌايو آهي ته هن سروي ۾ جنوري کان جون تائين قتل ٿيندڙ عورتن جي تفصيل شامل آهي جولاء کان سيپٽمبر جي تفصيل هن ۾ شامل ناهي.
عورت فائونڊيشن جي سروي موجب ڪاروڪاري کان علاوه ٻين اختلافن ۾ ڇهه مهينن جي دوران پاڪستان ۾ قتل ٿيندر عورتن جو انگ 722 آهي جنهن ۾ خانداني تڪرار ۽ چوري جون وارداتون به شامل آهن.
ملڪ اصغر جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي علائقي نصير آباد ۾ قتل ٿيندڙ ٻه عورتون ۽ سنڌ ۾ پنهنجي پيءُ هٿان قتل ٿيندڙ ڇوڪرين سميت ٻيا واقعا آڪٽوبر ۾ جاري ڪيا ويندا.
پاڪستان ۾ غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل ڪرڻ کي اڃان تائين اسانجو معاشرو صحيح سمجهي ٿو ۽ هن بدترين عمل جي حمايت به ڪري ٿو. جنهن جو تازو مثال بلوچستان ۾ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيل ٻه ٿورتون آهن. بلوچستان جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پوليس سبي شبير شيخ بي بي سي کي ٻڌايو آهي ته ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ٿيندڙ عورتن باري هنن هڪ جاچ هڪ اخبار رپورٽ کانپوءِ شايع ڪئي هئي.
پوليس کي مقامي آبادي جي مدد ۽ حمايت حاصل ڪونه هئي جنهن جي ڪارڻ پوليس جي ڪم ۾ بيحد ڏکيايون هيون. سينيئر پوليس آفيسر موجب جڏهن جوابدار هجي نه وري گواهه ته اخباري اطلاعن تي صرف مڙهه ئي ملي سگهن ٿا پوليس ڪنهن کي اخباري رپورٽن جي بنا تي ڦاهي تي نه ٿي چاڙهي سگهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن علائقي جا ڊاڪٽر ۽ پوليس آفيسر به ڪاروڪاري کي صحيح سمجهندا هجن ته هو ڪيس جي جاچ ڪيئن ڪري سگهي ٿو. پاڪستان ۾ ڪاروڪاري هيٺ عورتن کي قتل ڪرڻ جي خلاف ڪيتريون ئي غير سرڪاري تنظيمون سالن کان مهم هلائي رهيون آهن جنهن جي ڪارڻ هنن تنظيمن موجب معاشري ۾ شعور پيدا ٿي رهيو آهي پر اڃان تائين ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ٿيندڙ عورتن جي انگ ۾ گهٽتائي ڪونه ٿئي آهي.
قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪاروڪاري ۾ عورت جا قاتل سندس مڙس يا مٽ مائٽ هوندا آهن جنهن سبب 2004 جو غيرت جي نالي تي جرم وارو ايڪٽ به غير موثر بڻجي ويندو آهي ڇاڪاڻ ته عورت جي هن قتل کي ڪمپائونڊيبل افينس بڻايو ويو آهي جنهن ۾ هڪ مرد مائٽ پنهنجي ٻي مرد مائٽ کي عدالت ۾ خون معاف ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ڏوهاري آساني سان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن.
عورت فائونڊيشن جي سروي موجب پاڪستان ۾ ڪاروڪاري الزام هيٺ قتل ٿيندڙ عورتن جا ڪيس مقامي عدالتن ۾ هوريان هوريان هلندا آهن جنهن ڪارڻ درخواست ڏيندڙ ڌر کي جلدي انصاف ملڻ جي اُميد ڪونه هوندي آهي.
سروي موجب ملڪ ۾ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ گذريل ڇهه مهينن جي دوران قتل ٿيندڙ عورتن جي ڪيسن مان صرف ٻه ڏوهارين کي سزا ٿي سگهي ٿي. باقي سڀئي ڪيسن جي متعلقه عدالتن ۾ ٻُڌڻي ٿي رهي آهي.
معاشري جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪاروڪاري جي اوٽ ۾ عورتن جي قتل جي سلسلي جو اڃان تائين پاڪستان ۾ مڪمل خاتمو ڪونه ٿي سگهيو آهي پر نئين جمهوري حڪومت قانون سازي ۽ قانون تي سختي سان عمل ذريعي عورتن جي خلاف رسم ۽ رواج جي نالي تي جاري قتل ۾ گهٽتائي ضرور ڪرائي سگهي ٿي.