کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > بلوچستان: عورتون قتل ٿي رهيون آهن

بلوچستان: عورتون قتل ٿي رهيون آهن

ويچار ڊيسڪ
October 5th, 2008

بلوچستان جي ضلع نصير آباد ۾ اڍائي مهينا اڳ پنج عورتن کي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪرڻ جي واقعي کانپوءِ وڌيڪ 24 واقعا پيش آيا آهن جن ۾ 24 عورتن سميت 35 ماڻهون مارجي ويا آهن.

 

غير سرڪاري تنظيم عورت فائونڊيشن موجب هنن واقعن مان ڪيترا ئي ضلع نصير آباد ۽ ضلع جعفر آباد ۾ پيش آيا آهن. هن تنظيم جي عهديدار خليجي ٻڌايو آهي ته آئون هنن واقعن جي جاچ ڪري رهيو آهيان ۽ جڏهن کان ميڊيا نصير آباد ۾ پنج عورتن جي قتل جي واقعن کي وڌيڪ ڪوريج ڏني آهي هن کانپوءِ به 24 واقعا پيش آيا آهن.

 

علاؤ الدين خلجي موجب هنن واقعن ۾ چويهه عورتون ۽ يارهن مرد مارجي ويا آهن جڏهن ته ٽي عورتون قتل ڪرڻ جي واقعن ۾ زخمي ٿيون آهن. سندس چوڻ آهي ته گذريل 6 مهينن ۾ 70 عورتون ۽ 25 مرد ڪاروڪاري جي الزام هيٺ مارجي ويا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته هنن واقعن جي اطلاع 15 جولاء کانپوءِ ميڊيا يا غير حڪومتي نمائندن جي ذريعي هنن تائين پهتيون آهن.

 

عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ عورت صائمه جاويد کان آئون پڇيو ته نصير آباد جي واقعي کانپوءِ هي وڌيا آهن ته سندس چوڻ هو ته هي واقعا روٽين موجب پيش اچي رهيا آهن پر هاڻي ته هنن واقعن جي رپورٽ ٿي رهي آهي. صائمه جاويد موجب نصير آباد ۽ جعفر آباد جي علائقن ۾ عورتن کي ڪاري قرار ڏئي کين قتل ڪيو ويندو آهي.

 

هڪ ٻئي غير حڪومتي تنظيم سحر جي عهديدار عبدالودود ٻڌايو آهي ته هنن واقعن کي ڪيترا ئي ڀيرا ميڊيا ۾ گهٽ جاءِ ڏني ويندي آهي جڏهن ته بلوچستان جي ابتڙ ٻين صوبن ۾ هنن واقعن جي رپورٽ ڪئي ويندي آهي. سندس چوڻ هو ته پنج عورتن جي واقعي کي صرف ان ڪري وڌيڪ ڪوريج ملي ته زنده دفنائڻ جو عنصر ڇائجي رهيو آهي.

 

بلوچستان ۾ ماڻهن جو ساڳيو خيال آهي ته ميڊيا ۽ غير حڪومتي تنظيمون صوبي ۾ هلندڙ آپريشن ۽ سيڪورٽي فورسز جي هٿان بيڏوهي مارجي ويل ماڻهن جي قتل تي خاموش آهن پر هنن پنج عورتن جي قتل کي وڌائي پيش ڪيو پيو وڃي.

 

انساني حقن جي تنظيم جو چوڻ آهي ته ڪاروڪاري جي واقعن کي روڪڻ لاءِ ضروري قانون سازي ۽ وري هن تي عملدرآمد ضروري آهي. هنن تنظيمن جي عهديدارن چيو آهي ته نصير آباد پوليس انتظاميه پهريان عدالت کي به چيو ته هي واقعو پيش نه آيو آهي جڏهن ته گوڙ ٿيڻ کانپوءِ ٻنهيءَ عورتن جا مڙهه هٿ آيا هئا.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com