ضلع گهوٽڪي ۾ تحصيل اوباڙو ڏهرڪي، مير پور ماٿيلو جي ڳوٺن ۾ اڄ به عورتن جو واپار جاري آهي جيڪو معاشري جو وڏو الميو آهي. گهوٽڪي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هڪ سئو پنجاهه کان وڌيڪ عورتن کي چاليهه هزار کان ڏيڍ لک تائين وڪرو ڪيو ويندو آهي. گذريل ڏينهن ۾ هڪ لک ويهه هزار رپي ۾ وڪرو ٿيل عورتن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڪنهن ڳوٺ ڏانهن کڻي پيا وڃن جڏهن موٽر وي پوليس کين گرفتار ڪري ورتو ۽ اوباڙو پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.
هن موقع تي 32 ورهين جي جميلا ٻڌايو ته کيس نٽيجو ٽيڪو هڻي الاء ڪٿي کڻي پيا وڃن جڏهن مونکي هوش آئي ته آئون نيشنل هاء وي تي هوس ۽ هن موٽر وي پوليس کي ڏسي گوڙ ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر وي پوليس اهلڪارن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، هڪ عورت روئيندي موٽر وي پوليس وارن کي ٻڌايو ته سندس ٻه ٻار آهن جن کان بغير هو زنده نه ٿي رهي سگهي، هن عورت ٻڌايو ته کيس اوباڙو چاچڙ قبيلي جي هڪ ماڻهون کي وڪڻيو ويو آهي. پوليس جي حراست ۾ ڏوهاري محراب چاچڙ ٻڌايو عورت کي سندس مامي وڪڻيو آهي، پوليس هن عورت کي سيڪنڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو هتي عورتن جو بيان قلمبند ڪرڻ کانپوءِ کين دارالامان اُماڻيو ويو، جنهن کانپوءِ هن عورت کي سندس ماءَ اختر بي بي جي حوالي ڪيو ويو.
هن کان علاوه پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن جي سوين ڇوڪري ڇوڪرن کي اغوا ڪري سنڌ ۾ وڪرو ڪرڻ جو راز به فاش ٿيو آهي جٿي هنن کان زبردستي مزدوري ڪرائڻ سان گڏ هنن سان ڏاڍائي به ڪئي ويندي آهي. فيصل جي علائقي مهدي پاڙي کان ٽي سال اڳ اغوا ٿيل ٻه ڀينرين روبينه سليمه ۽ نازيه جو چوڻ آهي ته کين اغوا ڪري وچ سنڌ جي ٿاڻي يارو لوند جي علائقي ڳوٺ سنڌوان موڪليو ويو جٿي پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن کان اغوا ٿيل هڪ سئو پنجاهه ڇوڪريون قيد هيون.
هتي سموري سنڌ مان ڇوڪرين جا واپاري ايندا هئا ۽ 10 هزار کان 80 هزار جي رقم ڏئي ڇوڪريون خريد ڪندا هئا، ڇوڪرين جي قيمت سندن حسن ۽ عمر جي حساب سان طئي ڪئي ويندي هئي. بازياب ٿيل ڇوڪرين جو چوڻ آهي ته اسين ڪورٽ ۾ گواهي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون جو اسانجي سامهون هڪ سئو کان وڌيڪ ڇوڪرين کي وڪڻيو ويو جن ۾ اسانجي ننڍي ڀيڻ نازيه به شامل آهي جنهن کي 76 هزار ۾ هڪ زميندار کي وڪڻيو ويو هو.