کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > عورت سنسار > پنج ورهين کان مڙس جي قيدي عورت آزاد

پنج ورهين کان مڙس جي قيدي عورت آزاد

ويچار ڊيسڪ
October 9th, 2008

اٽلي ۾ هڪ ماڻهون گذريل پنج ورهين کان سندس ذال کي گهر ۾ قيد ڪري رکيو هو. کيس گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت هئي نه وري ڪنهن سان ڳالهائڻ جي. ايستائين جو هن کي ٽي وي ڏسڻ کان به منع ڪيو ويو هو. دل جي بيماري سبب کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جٿي هن ڊاڪٽر کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي.

 

عورت جو چوڻ آهي ته سندس حسدي مڙس کيس تڏهن کان قيد ڪيو هو جنهن ڏينهن 1958 ۾ سندس شادي ٿي هئي. هنن جا ٻه نوجوان ٻار به آهن. جڏهن به سندس مڙس گهر مان ٻاهر ويندو هو ته کيس گهر جي اندر تالو هڻي بند ڪري ويندو هو. هن کان علاوه سندس مڙس مٿس تشدد به ڪندو هو.

 

پوليس خبر ملڻ کانپوءِ اچانڪ هڪ مقامي وڪيل سان ڳالهه ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هي ڏاڍي افسوسناڪ ڳالهه آهي ته هڪ عورت پنهنجي مڙس جي گهر ۾ پنجاهه ورهين کان قيد خاني ۾ زندگي گهاري رهي آهي. وڪيل عدالت ۾ درخواست ڏني آهي ته هن عورت کي سندس مڙس جي گهر مان آزاد ڪرايو وڃي ۽ کيس ڪنهن حفاظتي هنڌ پهچايو وڃي ۽ سندس مڙس جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com