ايران ۾ ڪارون ٺاهيندڙ سرڪاري ڪمپني، ايران خودرو هڪ اهڙي ڪار ايجاد ڪئي آهي جيڪا خاص طور تي عورتن لاءِ ٺاهي وئي آهي.
هن ڪار ۾ پارڪنگ لاءِ امدادي آلات ۽ ٽائر بدلائڻ لاءِ هڪ اليڪٽرانڪ جيڪ نصب ڪيو ويو آهي جنهن سان عورتون آساني سان ٽائر بدلائي سگهن ٿيون. هن کان علاوه گاڏي کي اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي جنهن سان عورتن کي ڪار هلائڻ ۾ آساني ٿيندي.
هن ڪار ۾ خاص الارم به هنيو ويو آهي جيڪو ٽائر پنڪچر ٿيڻ کانپوءِ عورت ڊرائيور کي خبردار ڪندو. ڪار ۾ آٽوميٽڪ گيئر باڪس سان گڏ ٻين شئين کي ڏسڻ لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن ۽ هن کان علاوه گاڏي ۾ ٻارن کي پرچائڻ لاءِ آڊيو ۽ ويڊيو جو خاص سامان فٽ ڪيو ويو آهي.
ايران خودرو جو چوڻ آهي ته هي ڪار اسلامي ملڪن ۾ عورت ڊرائيورن جي وڌندڙ انگ کي ڏسي ايجاد ڪئي وئي آهي. هي ڪار ايندڙ جون تائين عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مارڪيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي.
ايران خودرو جي مئنيجنگ ڊائيريڪٽر وحيد نجفي جو چوڻ آهي ته کيس يقين آهي ته هي ڪار بيحد مشهور ٿيندي. عورتن جي هي ڪار شروعات ۾ ملڪي ضرورتن کي پورو ڪندي. عورتن جون ضرورتون ماڻهن کان مختلف هونديون آهن ان ڪري اها ڪار ڏسڻ ۾ به عام ڪارن کان مختلف ۽ زائفاڻي ڪار محسوس ٿيندي آهي.