آسٽريليا جي ٽين ايج گرل کي سمنڊ جي ڪناري سن باٿ ڪندي وقت پنهنجي جسم تي فون نمبر لکرائڻ جي خطري کان خبردار ڪيو ويو آهي.
هنن جي محافظ ايجنسين جو چوڻ آهي ته اهڙي ڪمن سان غلط نظر پوندي آهي. جوان ڇوڪرين جي ايڪ جٿي بليو زنڪ رنگ سن بلاڪ سان پنهنجي بڪني تي موبائل نمبر لکيل تصويرون ڇاپيون آهن. 14 ۽ 15 ورهين جي ڇوڪرين جو چوڻ آهي ته هنن سڊني جي گڙهه کان ڏکڻ ڏانهن ڪرونولا بيچ تي اُتر ڏانهن مينلي بيچ ”ڇوڪرا ڳولڻ“ لاءِ صفر ڪيو آهي ۽ کين اُميد هئي ته اسانکي ڪجهه فون ڪالز اينديون. پر ڇوڪرين جي حفاظت ڪندڙ اداري جو خيال آهي ته ائين ڪرڻ سان غلط قسم جو اثر پئجي سگهي ٿو.
15 ورهين جي لزي جو مڃڻ آهي ته پوڙهن جلدي جواب ڏنو ”هڪ پوڙهو مون سان ڳالهائڻ چاهيندو هو. هو اسانجي تصويرون ڇڪڻ جون ڪوششون ڪري رهيو هو. ڇوڪرين جي حفاظتي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته نوجوان هن طريقي جي نقل نه ڪندا. گرل فورس جي ليکڪ نڪي گولڊ اسٽائن جو چوڻ آهي ته هي انداز بيحد خطرناڪ آهي. ”اسين ڇوڪرين کي هدايت ڪندا سين ته هو ڪنهن هنڌ به پنهنجا فون نمبر ظاهر نه ڪرڻ جنهن سان کين نشانو بڻايو وڃي“. هن اها ڳالهه آسٽريلوي ٽيليگراف سان ڳالهه ٻولهه دوران ٻڌائي.