کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > دلبرن جا ستم!!!!

دلبرن جا ستم!!!!

نثار احمد ناز
November 29th, 2008

دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم

 

نثاراحمدناز
ڪا گهڙي هڪ ته ڇا پر جلي هرجنم!
دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم!
1
وارَ اهڙا ڪري دل ڪڍي هي وجهن،
هِي نَشِيلِي اکيون ڪونه ڪنهنجون بڻن
بي وفا هِي صفا هِي وڏيون بي رحم!!!
دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم!!!!
2
دل لڳايومتان، دل جلايو متان
پاڻ کي بي گُناهه سڀ رُلايو متان،
ڪونه ڪنهنجا بڻن هِي هٺيلا صنم!
دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم!!
3
پاڻ پلڻو پوي، شهر ڇڏڻو پوي،
موت کان اڳ هتي يارَ مرڻو پوي،
چوٽَ ڏاڍِي لَڳَي آخدا جو قسم!!
دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم!!!
4
هُونه هِنَ پارآ، هُونه هُنَ پار آ،
نازَ“ جِي ڪا خبرَ ۽ نڪا چارَ آ،
ڪوته ڳولي وَڃِي، ڪٿ کُٽا ٿَسِ قدم!
دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم!!!

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com