دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم
نثاراحمدناز
ڪا گهڙي هڪ ته ڇا پر جلي هرجنم!
دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم!
1
وارَ اهڙا ڪري دل ڪڍي هي وجهن،
هِي نَشِيلِي اکيون ڪونه ڪنهنجون بڻن
بي وفا هِي صفا هِي وڏيون بي رحم!!!
دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم!!!!
2
دل لڳايومتان، دل جلايو متان
پاڻ کي بي گُناهه سڀ رُلايو متان،
ڪونه ڪنهنجا بڻن هِي هٺيلا صنم!
دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم!!
3
پاڻ پلڻو پوي، شهر ڇڏڻو پوي،
موت کان اڳ هتي يارَ مرڻو پوي،
چوٽَ ڏاڍِي لَڳَي آخدا جو قسم!!
دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم!!!
4
هُونه هِنَ پارآ، هُونه هُنَ پار آ،
”نازَ“ جِي ڪا خبرَ ۽ نڪا چارَ آ،
ڪوته ڳولي وَڃِي، ڪٿ کُٽا ٿَسِ قدم!
دلبرن جا ستم ڄڻ ته جيون ختم!!!