يوگنڊا جي پوليس اهڙن ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي جيڪي عورتن جون ڇاتيون ڏسي چريا ٿي ويندا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته يوگنڊا ۾ هڪ اهڙو جٿو ماڻهن کي ڦري رهيو آهي جيڪو پنهنجي اهڙي ڪم ۾ وڏين ڇاتين واريون عورتون رکندا آهن ۽ انهن جي ڇاتين تي ڪلوروفارم لڳل هوندي آهي.
پوليس ٻڌايو آهي ته انهن کي اهڙا ماڻهو مليا آهن جيڪي بلڪل اگھاڙا هئا ۽ بي سرتا ٿي ستا هئا، ۽ انهن جي هر شيءَ ڦري وئي هئي. جڏهن انهن کي هوش ۾ آڻي پڇا ڪئي وئي ته کين ڪجهه به ياد نه هو سواءِ انهي جي ته اُهي ”رومانس“ ڪري رهيا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته هن جٿي جون عورتون پنهنجي ڇاتي تي ڪلوروفارم ملي ڇڏنديون آهن ۽ پوءِ انهن جو شڪار ڦاهي ۾ ڦاسندي ئي هوش وڃائي ويهندو آهي.
پوليس کي هن ڦاهي جي تڏهن خبر پئي جڏهن گذريل سال انهن جوليانا مڪاسانا جي عورت ڦورو کي پڪڙيو هو ۽ هن جي ڇاتي تي ڪلوروفارم لڳل هو. پوليس موجب هي عورت ڏاڍي خطرناڪ آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڦوروئن جو اهو جٿو تمام وڏو ٿي سگھي ٿو. انهن جي ٽولي جي اڃا تائين ڪابه ڄاڻ ملي نه سگھي آهي.
پوليس انهن سڀني ماڻهن جنهن وٽ پئسو ۽ وڏو ڪاروبار آهي ۽ جيڪي اهڙي قسم جو شوق رکن ٿا، کي خبردار ڪيو آهي ته اهي انهن ڦوروئن کان بچي رهن.