کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > ڊرائيور رب جي چوڻ تي ٽرڪ عورت کي هڻي وڌو

ڊرائيور رب جي چوڻ تي ٽرڪ عورت کي هڻي وڌو

وچار ڊيسڪ
December 3rd, 2008

آمريڪي شهر سينٽ انٽونيو ۾ هائي وي تي هڪ ٽرڪ ڊرائيور پنهنجو ٽرڪ 100 ميل في ڪلاڪ جي اسپيڊ کان هڪ عورت جي ڪار کي هڻي وڌو. ٽرڪ ڊرائيور پوليس کي ڏسيو ته” رب مونکي چيو هو ته هن عورت کي روڊ تان لاهي ڇڏ.“

ٽرڪ جي ڪار سان ٽڪرائڻ تي هن کي گھڻي دير تائين پرتي کڻي ويو ۽ روڊ جي ٻئي پاسي لڳل رڪاوٽ جي ڪري رڪيو. ٻنهي گاڏين جي ڊرائيورن کي معلولي زخم لڳا. پوليس آفيسر جو چوڻ هو ته ٽرڪ ڊرائيور اهو بيان ڏنو آهي ته ” رب ٻڌايو آهي ته هو گاڏي درست نٿي هلائي انڪري هن کي روڊ تان هيٺ لاهي ڇڏ.“ پوليس آفيسر جو چوڻ آهي ته اهو رب جو ئي حڪم ٿي سگھي ٿو ڇو جو جيڪڏهن اهو ٻيو ڪٿي ٿئي ها ته ٻنهي ڊرائيورن جو نالو نشان به نه بچي ها.
پوليس کي ٻنهي ڊرائيورن جي رت جي نمونن مان شراب يا ٻئي ڪنهن نشي جا نشان ڪونه مليا آهن. عدالت ٽرڪ ڊرائيور جي نفسياتي جانچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com