سانجهي جنس ۽ عربي جو ڪام سوترا
ڪام بخش جنوني
اڄڪلهه وچار ڊاٽ ڪام خاندان جي بنياد باري جيڪا سيريز شروع ڪئي آهي هن ۾ اها ڳالهه پڙهي ڪام بخش اچرج ۾ پئجي ويو. آخري قسط ۾ هڪ جاءِ تي ڄاڻايو ويو آهي ته کير پياريندڙ جانور (Mammals) ، جن ۾ انسان به شامل آهي، ٽولن ۾ رهندا آهن ۽ هنن ۾ ئي سانجهي جنس (group sex) به موجود آهي. هڪ نر لاءِ گهڻيون ئي ماديون ۽ ڪيترين ئي مادين لاءِ صرف هڪڙو ئي نر هوندو آهي.
اها ڳالهه ته ڏسڻ ۾ عام آهي جو حيوانات ۾ ذال مڙس بڻجي رهڻ جي ريت ڪونهي. مينهن، ڳئون، ٻڪريون، ۽ جھنگل جي جانورن (مثال جي طور تي شينهن، چيتا وغيره) ۾ ته رشتيداريءَ جو خيال به ڪونهي. شينهن پنهنجي ڦرن مان نر کي کائي ويندو آهي يا هن کي ڀڄائي ڇڏيندو آهي ۽ مادي کي پنهنجي ذال بڻائيندو آهي. ان ڪري هڪ شينهن جون ڪيتريون ئي ذالون هونديون آهن ۽ اهي ذالون هڪ ٻئي جي ماءَ، ماسي، ناني لڳنديون آهن. بالڪل اهڙي ريت ٻيا حيوان به آهن.
انسانن ۽ حيوانن ۾ همجنسي جي سبب ئي رقابت جو سلسلو ۽ هو پنهنجو ڌار خاندان بڻائڻ جي عادت به. مطلب قدرت کان ته اُهي ٽولا ماڻهن ۾ رهڻ چاهيندا آهن، همجنسي به سندن فطرت آهي پر هن لاءِ هنن ۾ رقابت به هوندي آهي. هن جي اٻتڙ پکين ۾ اهو نظام ڪونهي، هنن ۾ نر مادي هڪ ٻئي سان الڳ تعلق رکڻ جا جتن ڪندا آهن. مطلب هڪ نر لاءِ هڪ مادي.
پر هڪ عجيب ڳالهه معلوم ٿئي آهي ته ڪيچوئي جي جسم ۾ هزارين قسم جا اهڙا مسام موجود آهن جيڪي نر ۽ مادي جي صلاحيت رکندا آهن. هو حصا پاڻ ۾ سانجهي سڌ يعني سانجهو جنسي فعل ڪندا آهن. ۽ ڊاها چوندا آهن ته نر مادي جي هڪ ٻئي سان وفا کي ئي آئيڊيل تسليم ڪيو وڃي ته پوءِ ڪيچوئو سڀني جو سردار آهي، ڇو ته هن جي اندر نر ۽ مادي ٻئي آهن.
اهو جنسي معاملو تمام پيچيده آهي، اڪثر ڪام بخش جنوني کي حقيقت ۾ جنوني ڪري ڇڏيندو آهي. پر توهان ڏسو ته جيترا به وڏا معاشرا يا تهذيبون گزريون آهن هنن ۾ جنسي فعل ۽ وڌيڪ مزو ماڻڻ تي باقاعده ڪتابون ۽ مينويل لکيل آهن. اسانجو خيال هيو ته ائين صرف هندستان ۾ ئي ٿيندو آهي جٿي ڪاما سوترا ڪتاب لکي وئي هئي. پر جناب ائين ڪونهي، اهي مينويل ته يونان ۽ روم جي معاشرن ۾ لکيا ويا آهن ۽ مسلمان عرب ۾ به.
عربي ۾ هندستان جي ڪاما سوترا جهڙو مينويل لکيو ويو هن جو نالو خوشبودار باغ (The Perfumed Garden) آهي. توهان اهو مينويل هن ايڊريس ذريعي نيٽ تي پڙهي سگهو ٿا http://www.sacred-texts.com/sex/garden/ .
بهرحال ويچارا جانور لکي نٿا سگهن پر ماڻهون ته لکي سگهي ٿو ان ڪري هن مينويل به لکيا آهن. شايد حيوانات جو به ڪو مينويل هجي. جيڪڏهن توهانکي معلوم ٿئي ته پوءِ ڪام بخش جنونيءَ کي ضرور ٻڌائجو.
سنڌيڪار: مرزا تيمور رضا