کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > ڀولو تماشو ۽ وڏيون ٿيٽر ڪمپنيون

ڀولو تماشو ۽ وڏيون ٿيٽر ڪمپنيون

بونگا چشتي
November 29th, 2007
5 / 5 (1 Votes)

جي جناب ميلو لڳي ويو آهي، وڏين ٿيٽر ڪمپنين پنهنجا تمبو هڻي ڇڏيا آهن، ٻنهن ڌرين جا مسخرا ڊرامن جي اشتهار بازي ڪري رهيا آهن. هاڻي ننڍن کدڙن ۽ ٻين فنڪارن جي ٽولن کي ڪو به لفٽ ڪونه ڪرائيندو. کدڙا ۽ مسخرا ڊاڙهي جو سوانگ ڀري اچن يا مڇن کي وٽ ڏين، تماشبين ته بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي ٿيٽرن جون ٽڪيٽون ئي وٺندا.

 

کدڙن ۽ ٻين فنڪارن بوٽن واري سرڪار جي چوڪيداري ۾ تماشو ڪري ميلي ۾ ائين گهمي رهيا آهن جيئن اهي ئي ميلي جا سرتاج هجن. پر سڀنيءَ کي معلوم آهي ته ويچارا کدڙا ۽ ٻيان ننڍا فنڪار گهڻي عرصي تائين وڏين ڪمپنين کي ٻاهر رکي عيش ڪري سگهن ٿا. آخر ته سائين وڏو اچي پنهنجي جاءِ سنڀاليندو آهي.

 

ميلي جو اصلي ۽ وڏو پير آف واشنگٽن به مجبور ٿي ويو آهي ۽ هاڻي هن فيصلو ڪيو آهي ته وڏي ٿيٽر ڪمپنين کي ملڪ واپس گهرايو وڃي. هنن کانسواءِ ميلو برباد پيو ٿيندو وڃي، نه دڪاندارن جي ڪمائي ٿي رهي هئي ۽ نه امن و چين قائم ٿي رهيو هو. ڪڏهن مولوين جو ٽولو اچي کدڙن ۽ ٻين ننڍن فنڪارن کي خوفزده ڪري پنهنجو ڪم ڪرائيندو هو ۽ ڪڏهن علائقي جا ننڍا سنڍا چور ڌاڙيل پنهنجو هٿ صاف ڪري ويندا هئا.

 

انهيءَ ڪري وڏن پيرن سوچيو ته وڏيون ڪمپنيون واپس ڪونه آيون ته راند ۾ مزو ڪونه ايندو. وڏيون ڪمپنيون اينديون ته هڪ ٻئي سان اهڙو مهاڏو اٽڪائينديون ته ڪنهن جو ڌيان هيڏانهن هوڏانهن ڪونه ويندو. مولوي به سندن ڊپ کان ميلو خراب ڪونه ڪندا ۽ وڏين ڪمپنين جي پهلوانن جي هوندي ننڍا چور ڪاروائي ڪرڻ جي همت ڪونه ڪندا.

 

ائين ميلي جي صفائي لاءِ ڪاري چولن وارن وڏو هٿ ڏيکاريو هو. هنن بوٽن وارن چوڪيدارن کي جيئن ٿڙڪايو هن سان به وڏن پيرن جون اکيون کليون هيون. ڪاري چولي وارا بوٽن واري چوڪيدارن کي مولوي، چور ڌاڙيلن، کدڙن ۽ ٻين ننڍن فنڪارن جو پالڻهار ثابت ڪري جيئن اوگهاڙو ڪيو ته راند پاسو مٽائڻ شروع ڪيو. بوٽن وارن چوڪيدارن کي افراتفري پئجي وئي هئي ۽ انهن ڪاري چولي وارن سميت پنچات کي ئي جيل موڪليو. پر ميلو ته جاري رکڻو هو، انهيءَ ڪري وڏيون ٿيٽر ڪمپنيون گهرايون ويون.

 

وڏيون ٿيٽر ڪمپنيون به اوتري عرصي تائين ڪاري چولن وارن ۽ سندن اعلي سطح پنچات جي حامي ڀرندا جيستائين کين بوٽن وارا چوڪيدار ميلي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڪونه ڏيندا هئا. هاڻي جنهن ڏينهن کان وڏن پيرن ۽ چوڪيدارن وڏيون ٿيٽر ڪمپنيون واپس گهرايون آهن ان ڏينهن کان وٺي وڏين ڪمپنين وارن جيل ۾ بند ڪاري چولن وارن ۽ سندن پنچات جون ڳالهيون ڪرڻ ڇڏي ڏنيون آهن. هو ته وڏا چور آهن کين منصف پنچات ڪيئن هضم ٿيندي؟

 

مان اهي سڀئي ڳالهيون سوچيندي جڏهن شيدي مسيني جي دوڪان تي پهتس ته هو ڪنهن همراهه جا وار ٺاهي رهيو هو، مونکي ڏسي هن پنهنجي قينچي روڪي ڇڏي ۽ چيائين.

 

” يار چشتي ( گراهڪن جي سامهون هو مونکي ڪڏهن به بونگو (ڊاڙي) ڪونه چوندو آهي“ ميان صاحب به لاهور پهچي ويو آهي. ۽ مونکي لڳي ٿو ته اها ڀولي واري راند وري شروع ٿي ويندي. پر هن ڀيرو ائين ڪونه ٿيندو“ لڳندو هو ته شيدي کي هن ڳالهه جي اڳواٽ خبر هئي ۽ هن مونکي ڏسندي ئي اها ڳالهه مونکي ٻڌاري وري پنهنجي قينچي هلائڻ شروع ٿيو. سندس گراهڪ به اسانجي ڳالهيون ٻڌي ايتري زور سان کليو ته جيڪڏهن شيدو قينچي هلائڻ بند نه ڪري ها ته سندس گراهڪ جو ڪن ڪٽجي وڃي ها. شيدي ترت ئي پنهنجي گراهڪ کي فارغ ڪري ڇڏيو.

 

مان چيو شيدا کيڏ ته وري ڀولي باندي جو آهي، ائين ئي ڀولو ساهورن ڏانهن ويندو، ائين ئي ناراض ٿيندو ۽ وري باقي سڀ ڪجهه ائين ڇو نه ٿيندو؟

 

چيائين ” اڙي ڊاڙي! اهو اڻويهه سئو اٺياسي ته ڪونهي جڏهن ڪاري چولي وارن منصفانه پنچات بوٽن واري چوڪيدارن جي راند خراب ڪئي هجي. تڏهن ته هڪ وڏو ٿيٽر لاهور ۾ هيو ۽ ٻيو اسلام آباد ۾ ڪوڙي چوهدر جو ناٽڪ ڪري رهيو هو، ٻيو ته ڪو ميلي ۾ ڪونه هيو، هاڻي ته ميلو ڀرندو پيو وڃي، چولي وارن سان گڏوگڏ هوريان هوريان ٻيا به جڙندا پيا وڃن. تون ڏٺو ڪونهي ته هاڻي يونيورسٽين ۽ ڪالجن ۾ به ڪاري چولي وارن جهڙا ڪم ٿي رهيا آهن. اڃان ته ملان فيڪٽرين ۾ ائين ٿيندو ۽ پوءِ ڳوٺن ۾. هاڻي چوڪيدارن وٽ ڊگڊگي به ڪونهي ۽ وڏين ڪمپنين وارا به ائين ئي نالي ماتر وڏا آهن. ” هنن ۾ ڪجهه ڪونهي“.

 

مان چيو شيدا ” تون ته مونکان به وڏي ڊاڙ هنئي آهي، جيڪڏهن وڏين ڪمپنين وٽ ڪا شئي ڪونهي ته ميلي ۾ هر هنڌ سندن روڄ راڙو ڪيئن آهي؟“

 

شيدي چيو ” بونگا تون اهو ٻڌاءِ اهي وڏيون ڪمپنيون ڏهن سالن تائين ڪٿي هيون؟ سڄي راند ته ڪاري چولي وارن رچائي آهي، جن چوڪيدارن کي وچ بازار ۾ اوگهاڙو ڪيو آهي. اهي وڏين ڪمپنين وارا ته ڪاري چولي وارن ۽ سندن پنچات جي کٽي کائي رهيا آهن. توهان ڪنهن ٻئي جو کٽيل ڪيستائين کائي سگهو ٿا؟ آخر کٽي ته پنهنجي ئي کائڻي پوندي آهي جيڪا هنن وٽ ڪونهي“.

 

پوءِ ڇا ٿيندو ادا مسينا. مان چيو

 

” ٿيندو ڇا، نئين ڌر ميلو لُٽندي. اهي موجوده وڏيون ڪمپنيون ته فقط بيما ڪمپنيون آهن جن جي قسمت ۾ بربادي لکيل آهي.“ اهو چوڻ کانپوءِ شيدو خاموش ٿي ويو. ۽ پوءِ هو نئين فلمن جون ڳالهيون ڪرڻ شروع ٿي ويو، کيس خبر هئي ته مان هن کي تنگ ڪندو رهندس.

 

سنڌيڪار :  تيمور رضا   

 


 

 

Powered by: PHPCow.com