اڄ جنونيءَ تي اهو جنون سوار آهي ته هر گار ۾ عورت جي هڪ جسماني انگ کي ئي ڇو بُرو ڀلو چيو ويندو آهي. هر ڪو تنهنجي ماءُ کي (.....)، ڀيڻ کي(....) ڇو چوندو آهي، ڪو به تنهنجي پيءُ کي (....) تنهنجي ڀاءُ کي (....) ڇو نه چوندو آهي. ويچاري عورت جهيڙن ۾ نه هجڻ جي باوجود به هتي ڪيئن پهچي ويندي آهي؟
پوءِ جڏهن جنوني وڌيڪ ڌيان ڏنو ته کيس اها خبر پئي ته عورت جي سڄي جسم کي گار ڪونه ڏني ويندي آهي، سندس جسم جي هڪ خاص انگ کي پامال ڪيو ويندو آهي. گار ۾ عورت جي جسم جي هڪ حصي تي خيالي حملو ڪري يا حملي جي ڌمڪي ڏئي دشمن کي للڪاريو ويندو آهي يا کيس هيڻو ثابت ڪيو ويندو آهي. عورت جي هن جسماني انگ جي باري ۾ ڪجهه گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان پي پُٽن ۾ به گهڻو ڪجهه ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن پيءُ گار ڏي ” اڙي تنهنجي ماءُ کي (.....)“ ته پُٽ ڪاوڙجي ويندو آهي. هن ڳالهه تي هڪ مختصر قصو ٻڌندا.
جھنگ جو هڪ مهر صاحب ميراثي جي ڪڍ پئجي ويو هو، سندس چوڻ هو ته توهان پنهنجي ٻارن کي ٽوڪبازي جو سبق پڙهائيندا آهيو.
ميراثي گهڻو ئي انڪار ڪيو، هن چيو مهر صاحب اسين کين ڪجهه ڪونه سيکاريندا آهيون، اهو سڀ ڪجهه هو پاڻ سکندا آهن. پر مهر صاحب کي يقين ڪونه آيو ۽ مهر صاحب سندس ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو. آخر ميراثي چيو اچو مهر صاحب مان توهانکي هڪ نمونو ڏيکاريان ٿو.
ٿورو اڳتي ميراثي جو ننڍو پُٽ ويٺو هو. ميراثي پنهنجي پُٽ کي چيو”اوئي مُٽلي آ، گهر ونج تي امان نون ڪهوين نها ڌو لوي اج ميرا بڙا دل هي“ ( مطلب اڄ مان تنهنجي ماءُ سان سمهڻ چاهيان ٿو).
پنهنجي پيءُ جي ڳالهه ٻڌي ڇوڪرو ڪاوڙجي ويو، ٺيڪ آهي ته هو سندس گهرواري آهي پر منهنجي ماءُ به ته آهي هن ڀري محفل ۾ منهنجي ماءُ جي بيعزتي ڪئي آهي. هن معصوم بڻجي ڪري سندس پيءُ کي چيو:
” بابا، جيڪڏهن امان گھر نه هجي ته پوءِ ڦڦي کي چوان“ ( معني جيڪڏهن منهنجي ماءُ گهر ۾ موجود نه هجي ته پوءِ ساڳيو ڪم ڪرڻ لاءِ تنهنجي ڀيڻ کي چوان). هو هن ننڍي ٽوڪ ۾ اسانکي بڌائيندو آهي ته عورت جي جنسي انگ جي بيعزتي گار جي بنياد بڻجندي آهي، ڇو؟ ڪجهه ڊاها چوندا آهن ته انهيءَ ڪم لاءِ عورت مرد جي ملڪيت آهي ۽ ملڪيت جي سڀ کان اعلي صورت. انهيءَ ڪري جڏهن عورت جي جنسي انگ کي ڪجهه چيو ويندو آهي ته اصل ۾ ڌمڪي ملڪيت جي هوندي آهي.
ڊاها اهو به چوندا آهن ته عورت جي جنسي انگ تي انهيءَ ڪري به حملو ڪيو ويندو آهي ڇو ته هن حصي کان جائيداد جا وارث پيدا ٿيندا آهن. جيڪڏهن عورت جي جنسي انگ جي حفاظت نه ڪئي وڃي ته پوءِ هو جيڪو ڪجھه پيدا ڪندي هن جي باري اهو چوڻ مشڪل آهي ته هو سندس ملڪيت واري جو ئي نطفو آهي.
ملڪيت وارو اهو لازمي سمجھندو آهي ته سندس ملڪيت جو وارث انهيءَ جو نطفو هجي. تڏهن ئي ملڪيت جي مقدس امانت سندس ايندڙ نسل تائين پهچي سگهي ٿي. جيڪڏهن عورت جي جنسي انگ جي حفاظت ڪونه ٿئي ته پوءِ ملڪيت جو ” تقدس“ به محفوظ ڪونه رهندو.
شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو ملڪيت کان محروم غريب ماڻهون گار ڏانهن گهڻو ڌيان به ڪونه ڏيندا آهن ۽ نه عورت جي جنسي انگ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ جان ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. ڇو ته هو سگهارن طبقن کان پنهنجي عورتن جي حفاظت نٿا ڪري سگهن. اها ڳالهه ڳوٺاڻي سماج ۾ رهندڙ هر ماڻهون کي معلوم هوندي آهي ته جائيداد وارا ڪيئن ڪڻمين، ميراثين ۽ ڪمدارن جي عورتن کي ڪتب آڻيندا آهن ۽ سندن مرد ڪجهه ڪونه چوندا آهن، بلڪ هو ته ڪجهه چوڻ جي لائق ڪونه هوندا آهن.
جنوني اها ڳالهه سمجهي ويو آهي ته عورت جي جنسي انگ کي گار ۾ انهيءَ ڪري استعمال ڪيو ويندو آهي، ڇو ته مرد هن خاص انگ جو مالڪ هوندو آهي ۽ ٻيو هن خاص انگ مان ايندڙ وقت جا مالڪ پيدا ٿيندا آهن.
سنڌيڪار : تيمور رضا