خبر ناهي جو ڪيئي ڏينهن کان منهنجي ذهن ۾ هڪ جملو گھمندو پيو وڃي. ”ضياء الحق جي حڪومت کان وٺي ٽي واڌا ٿيا آهن، جهاد، ڪڃري بازي ۽ امير.“ هي هاڻ ڪنهن وڏي ماهرن جو ئي ڪم آهي جو اهي ٻڌائين ته جهاد ۽ ڪنڃرين جي انگ ۾ هڪ ئي وقت ڪيئن واڌارو ٿيو آهي؟ ايئن ته اهي ٻئي هڪ ٻئي جي ابتڙ لڳندا آهن پر خبر ناهي ڇو مونکي لڳندو آهي ته انهن ۾ ڪو نه ڪو لاڳاپو آهي، ۽ اها لاڳاپو شايد غريبي جو آهي. غريب مرد غربت جي هٿا جهادي ٿي ويا ۽ عورتون ڪنڃريون (سڀ نه).
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ئي مولوين اهو آواز اٿاريو هو ته هيرا منڊين کي ختم ڪيو وڃي، ڇو جو پاڪ ماڻهن جي پاڪ اسلامي ملڪ ۾ هيرا منڊين جو ڪو ڪم ڪونهي. ضياء الحق پاڻ مولوي هو هن هيرا منڊي بند ڪري ڇڏي، پر ڪڏهن تاريخ ۾ هيرا منڊيون بند ناهن ٿيون. سو اها هيرا منڊي ٽيڪسالي مان ختم ڪئي وئي ته شهر جي هر پاڙي ۾ اچي آباد ٿي وئي. دلن جو ڪم ته اڃا به آسان ٿي ويو ۽ گاهڪ به متارا ملڻ لڳا.
ڪڏهن ڪڏهن ته مونکي مولوين هي عقل جي باري ۾ به تمام گھڻي حيراني ٿيندي آهي. اهي ڪڏهن ناهن سوچيندا ته اهي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن هن جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ هاڻ حال آهي جو پاڪستان جي سيڪس منڊي ايتري منافعي واري آهي جو چينين به پنهنجون ننڍيون ننڍيون هيرا منڊيون کولي ورتيون آهن. سڄي ملڪ جي شهرن ۾ ڪنڊ ڪنڊ تي اهي هيرا منڊيون آهن. پشاور ۾ ته منڊين جي هيرا منڊي آهي. هن جي باري ۾ مان توهان کي ڪجهه ٻڌائيندس، اڄ توهان اها رپورٽ پڙهي پاڻ ئي ڏسي وٺو.
http://www.wichaar.com/news/285/ARTICLE/14330/2009-05-17.html