کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > شراب جو نشو ساقي جو حسن ۽ شرابي ٽُن

شراب جو نشو ساقي جو حسن ۽ شرابي ٽُن

ڪام بخش جنوني
December 7th, 2007
5 / 5 (3 Votes)

جي جناب هاڻي ساقي کي شاعري ۾ تلاش ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي. ۽ جيڪڏهن جهٽ پٽ جام توهانجي هٿن ۾ اچي وڃي ته توهانکي شڪ ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي ته ”ساقي شراب ۾ ڪجهه گڏايو نه هجي“ هاڻي ساقي نه ڪنجوسي نه چڪر باز. جيڪڏهن کيسي ۾ پئسا هجن ته ساقي کي روز ملو، جيڪڏهن ٽپ جا پئسا به کيسي ۾ رکو ته ساقي پاڻ توهانجو انتظار ڪندا رهندا.

 

توهان چوندئو ته اهو ڪام بخش جنوني اڄ ساقين کي شاعري کان ڪڍڻ جي پوئتي ڇو پيل آهي؟ نه جانب اهو ڪم ويچارو جنوني ڪيئن ڪري سگهي پيو، هو ته غالب ڇا عبدالحميد عدم جي روح کان به ڏڪندو آهي جنهن جي شاعري کان ساقي ۽ شراب نڪري ويو ته رهجي ويندا حساب ۽ کاتا جيڪي عدم صاحب جو پيشو هئا. انهيءَ ڪري جنوني ايترو وڏو پاپ ڪري شاعرن جي روحن کان پنهنجو تعقب نٿو ڪرائي سگهي. جنوني کي ته پهريان اهڙا خواب ايندا هئا جو توهانکي ٻڌائي ته توهان چوندئو هن ۾ فرائيڊ جي روح اچي وئي آهي.

 

شاعرن جي خلاف سازش هندستان جي سپريم ڪورٽ ڪئي هئي جنهن دهلي جي بارز ۽ ڪلبز ۾ عورتن کي ساقي جي پيشي تي لڳل پابندي ختم ڪئي آهي. اها پابندي پهريان دهلي هائي ڪورٽ ختم ڪئي هئي پر شهر جي انتظاميا وري هن تي پابندي هڻي ڇڏي هئي. سندن دعوي هئي ته عورتن جي ”عصمت“ بچائڻ لاءِ کين دهلي جي شرابين کان پري ئي رکيو وڃي.

 

چوندا آهن ته دهلي جا شرابي هونءَ به ڪافي خراب هوندا آهن. شراب پي نشي ۾ ٽُن ٿيڻ کانپوءِ هڪ ٻئي جو مٿو ڦاڙيندا آهن يا روڊن تي ماڻهن کي ڪار جي هيٺان ڏئي ماري ڇڏڻ هنن جو عام معمول آهي. پر عدالت چيو ته ڪجهه به ٿئي، مرد ۽ عورت هڪ برابر آهن، انهيءَ ڪري عورت مٿان ڪنهن خاص پيشي ۾ وڃڻ تي پابندي ڪونه هنئي ويندي.

 

سپريم ڪورٽ جي صدقي هاڻي غالب جي دهلي جون ” مهه جبينان“ سرعام ساقي بڻجي ڪري جام پيش ڪنديون. ممڪن آهي ته چاچا غالب غصو ڪرڻ بدران سڙي رهيو هجي ته هو ايتري جلدي ڇو مري ويو. جيئرو هجي ها ته ڪٿان به اوڌر وٺي، ”مي خاني“ جيترو مال ميڙي وٺي ها. صبح جو اٿي وري لکي ها ته ”قرض ڪي پيتي ٿي مي اور روز ڪهتي ٿي ڪه هان.. رنگ لائي گي هماري فاقه مستي ايڪ دن“

 

پر جنوني کي هڪ ٻيو خيال به ايندو آهي ته اهو ڪيئن سوچيو وڃي ته غالب ۽ سندس دوستن جي ذهن ۾ ساقي جو مطلب ”مهه جبين“ ئي هيو. فارسي شاعري ۾ ته ساقي جو اميج لسا ۽ نازڪ ڇوڪرا هوندا هئا. ايران جي شهنشاهن جي دربار ۾ ( جٿان فارسي ۽ اردو شاعري جا اشارا مليا ) ۽ نازڪ لسا ڇوڪرا شراب جون صراحيون کڻي بيٺا هوندا هئا.

 

منهنجو خيال آهي ته جنت ۾ به ساقي اهي گهٽ عمر جا نازڪ ۽ لسي ڇوڪرن جو تصور آهي. هن جو اندازو جنوني وچار لارن جي بهشت جي آسري کي پڙهي هنيو آهي. توهان پڙهيو هوندو ته جڏهن حسين بهشت ۾ زمرد سان ملاقات ڪرڻ رهندو اهي ته ساقي جو ڪم اهي سهڻا نازڪ ڇوڪرا ئي ڪندا نظر ايندا آهن. ورنه پاڻ ئي پڙهي ڏسو!!!

 

سنڌيڪار :  مرزا تيمور رضا   

 


 

 

Powered by: PHPCow.com