{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > 29 سالن جي آمريڪي 11 عورتن مان 21 ٻارن کي جنم ڏنو

29 سالن جي آمريڪي 11 عورتن مان 21 ٻارن کي جنم ڏنو

وچار ڊيسڪ
May 30th, 2009

آمريڪا ۾ ويجھڙائي ۾ سامهون اچڻ واري هڪ ڪيس ۾ خبر پئي آهي ته هڪ 29 سالن جي ماڻهو 11 ڌار ڌار عورتن مان 21 ٻار ڄميا آهن ۽ هو انهن ٻارن جو خرچو ڀرڻ جهڙو به ڪونهي انهي ڪري هن کي عدالت ۾ آندو ويو آهي.

آمريڪا ۾ هي هڪ نئون رڪارڊ ٿي ويو آهي.

ڊيسمنڊ جو چوڻ آهي ته هو هاڻ ٻين ٻارن کي جنم ڪونه ڏياريندو. هن ٽي وي رپورٽن کي ٻڌايو آهي ته هن کي پنهنجي سڀني ٻارن جا نالا ۽ انهن جي عمر جي به خبر ڪونهي. انهن مان نئين ڄاول ٻار کان 11 سالن جي ٻارن تائين شامل آهن.

سرڪاري انتظاميا موجب انهن هي فيصلو ڪيو آهي ته هن جي مهيني جي اڌ آمدن هن جي ٻارن جي خرچي لاءِ ڪٽبي، پر هن جي پگھار مان هر ٻار جي حصي ۾ هر مهيني چار پائونڊ ئي ايندا. ڊيسمنڊ جي وڪيل جو چوڻ آهي ته هو ٻارن جو خرچو ڀرڻ جوڳو ناهي، انهي ڪري سرڪار کي انهن ٻارن جو خرچو کڻڻ گھرجي. هن جي علائقي جي ڪجهه ماڻهن اها گھر ڪئي آهي ته هن کي کسي ڪرڻ گھرجي.

ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ سال جي اندر هن ڌار ڌار عورتن مان چار ٻارن کي جنم ڏنو، هن جي ٽي وي تي اچڻ کان پوءِ ڪيئي عورتون سرڪار سان رابطو ڪري رهيون آهن ۽ چئي رهيون آهن ته هي انهن جي ٻارن جو به پي آهي، هن جو چوڻ آهي ته هو جنهن به عورت سان هوندو هو هن کي ٻين جي ڪا ڄاڻ ڪونه هوندي هئي پوءِ انهن مان هن جا ٻار هجن يا پوءِ اهي عورتون.

هڪ عورت جنهن مان هن کي ٻه ٻار آهن، هن جو چوڻ آهي ته هن کي مهيني جا 44 پائونڊ ملڻ گھرجن پر هن کي ٻارن جي خرچي لاءِ ايترا پيسا ڪونه ملي رهيا آهن. هي تمام حيراني جي ڳالهه آهي عام طور تي جڏهن مان هن کان پيسا گھرندي آهيان ته هو ڏئي ڇڏيندو آهي.

سرڪاري انتظاميا ۽ عدالت ڊيسمنڊ کي حڪم ڏنو آهي ته هو عدالت ۾ ٻڌائي ته هو ايترن ٻارن جو خرچ ڪيئن ڀريندو؟

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: