{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > بونگا چشتي ................ منصوره طالبان

بونگا چشتي ................ منصوره طالبان

بونگا چشتي
June 19th, 2009

 

اڄ شيدو مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو اڄ پپل پروفيسر کي ملڻو آهي، مون سان هل.

مون چيو خير ته آهي؟

چوڻ لڳو تون هل ته صحيح. خير هو زوري مون کي وٺي ويو، جڏهن اسين پروفيسر صاحب جي اوطاق ۾ ويٺا سين ته شيدو چوڻ لڳو، ” پروفيسر صاحب توهان اخبار ۾ اها خبر پڙهي آهي جو سري لنڪا جي ٽيم تي حملو ڪرڻ وارن ۾ هڪ گرفتار ٿيڻ واري زبير چيو آهي ته هو حملو ڪرڻ کان اڳ جماعت اسلامي جي سينٽر منصوره ۾ کائيندا پيئندا ۽ سمهندا رهيا آهن.“

ها پڙهي آهي پر انهي ۾ حيراني جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ پروفيسر جواب ڏنو.

حيراني جي ڳالهه هي آهي جو منهنجو خيال هو ته جماعت جو طالبان سان ڪو لاڳاپو ڪونهي ۽ هو سڌي ۽ صادي مذهب تي هلڻ واري هڪ سياسي پارٽي آهي.

پروفيسر کلڻ لڳو. پوءِ چوڻ لڳو ته، برخوردار، سڀني طالبان جي اصل ماءُ جماعت اسلامي ئي آهي. اهي سڀ جماعت جا ئي ٻارڙا آهن. جماعت پوئين چاليھ سالن کان پنجاب يونيورسٽي ۾ طالباني راڄ ئي ته ڪري رهي آهي. هتي ئي جماعت دهشتگردي جي نرسري ستر جي ڏهاڪي ۾ هڻڻ شروع ڪئي هئي ۽ پيشي ور گنڊن جي مدد سان راڄ قائم ڪيو هو جيڪو اڄ تائين هلندو پيو اچي. انهن ڪنهن ڪم جو پڙهيل لکيل پروفيسر يونيورسٽي ۾ رهڻ ناهي ڏنو. ۽ اڄ اها پنجاب يونيورسٽي جيڪا سڄي ملڪ ۾ سڀني کان اڳيان هئي اڄ هن کي ڪير پڇي به نٿو.

شيدو چوڻ لڳو ته پر پروفيسر صاحب، يونيورسٽي ته ننڍڙي ئي جاءِ آهي ۽ طالبان تمام وڏي طاقت ناهن. ڪا ڳالهه سمجھ ۾ ڪونه آئي.

پروفيسر چوڻ لڳو ها ڳالهه ڪجهه ڳجھ واري آهي. پر توکي ته خبر آهي نه ليبارٽري ۾ نموني جي شيءَ ئي ٿيندي آهي ۽ پوءِ هو پکيڙجڻ شروع ٿيندي آهي. ٻي ڳالهه اڃا به ڳجھ واري آهي ڇو جو هي سڀ ڪجهه مولوي مودودي جي ئي ڪرايل آهي. هو هن سياسي اسلام جو باني آهي جنهن جون شاخون جهادي ۽ طالبان آهن. پر اها ڳالهه ڪنهن ٻئي ڏينهن کولي ڪندا سين. مون کي اڄ ڪٿي جلدي وڃڻو آهي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: