{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > ايمانداري آسٽريليا جي ڪوچ پنهنجي پاڻ کي جرمانو ڪري ڇڏيو

ايمانداري آسٽريليا جي ڪوچ پنهنجي پاڻ کي جرمانو ڪري ڇڏيو

وچار ڊيسڪ
June 20th, 2009

سڄي دنيا ۾ اصول اصول جي ڳالهه ته سدائين ۽ گھڻي ٿيندي آهي پر اهي اصول گھڻا ته ٻين تي ئي لاڳو ٿيندا آهن ۽ ماڻهو پاڻ کي انهن کان ٻاهر سمجھندو آهي. پر آسٽريليا ۾ هڪ رگبي ٽيم جي ڪوچ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اصول سڀني لاءِ هڪ جهڙو هوندو آهي.

خبر موجب رگبي ٽيم جي ڪوچ شراب پي ورتي ۽ نشي ۾ هڪ هوٽل ۾ عورتن جي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. بريڊ فٽلر نالي سڊني روسٽر ٽيم جي ڪوچ تمام گھڻي شراب پيتي هئي ۽ ڪڇي ۾ ئي عورتن جي ڪمري ڏانهن ئي هليو ويو هو. هڪ عورت جي شڪايت تي ئي پوليس هن کي قابو ۾ ڪيو.

واقعي کان پوءِ ڪوچ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ چيو ته هن کي پنهنجي ڪئي ته گھڻي پشيماني آهي ۽ جنهن کي به هن جي ڪري تڪليف ٿي آهي هو انهن کان کلي عام معافي گھري ٿو. هن چيو ته مون جيڪو ڪجهه ڪيو اهو معافي جي قابل ناهي انهي ڪري هو پنهنجي پاڻ کي 10000 آسٽريلوي ڊالر ڏنڊ رکي ٿو.

رگبي ڪلب جو چوڻ آهي ته جرماني جي اها رقم سالويشن آرمي جي عورتن جي ڀلائي لاءِ دان ڪئي ويندي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: