کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > ڪرنل قذافي، ڪنوارين جي حفاظت

ڪرنل قذافي، ڪنوارين جي حفاظت

ڪام بخش جنوني
December 15th, 2007

ليبيا جي صدر حضرت ڪرنيل معمر قذافي به جنونين جي خاندان مان ئي آهي. جيڪڏهن توهانکي اعتبار ڪونهي ته توهان سندس فرانس ياترا ۾ سندس محافظن کي ڏسو. حضرت صاحب پنهنجي حفاظت ڪرڻ لاءِ فقط ڇوڪريون رکيون آهن ۽ هو به ڪنواريون. اهو ته هاڻي ڪرنيل صاحب ئي ٻڌائي سگهن پيا ته هن ڪنوارين جو ٽيسٽ ڪيئن ورتو، هو ڪنواريون هيون يا برطانيه ۽ فرانس جي ميڊيڪل ڪلينڪ ۾ منجو پيڙهو ٺوڪرائي ڪنواريون بڻيل هيون.

 

ڪرنيل جي فرانس جي دوري ۾ ٽيهه سهڻيون هر وقت سندس حفاظت ڪري رهيون آهن. کين نيل پالش به لڳيل هوندي آهي ۽ عطر به لڳيل هوندو آهي. مڪمل ميڪ اپ. پر ماهرن ٻڌايو آهي ته سندن سهڻي صورت ڏسي ڪنهن غلط فهمي جو شڪار ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي ڇو ته هو سڀ قاتل پيشي لاءِ مڪمل تربيت حاصل ڪري آيون آهن.

 

ڪرنيل صاحب قاتل ڪنوارين کي ئي پاڻ سان گڏ ڪونه کڻي آيا آهن، پنهنجو صحرائي تنبو ۽ اُٺ به پاڻ سان وٺي پيرس آيا آهن. سندس چوڻ آهي ته ساڻس ملاقات ڪندڙن هر ماڻهونءَ کي معلوم هجي ته هڪ خالص عرب ڇا هوندو آهي. توهانکي اها خبر آهي ته هو ڪهڙو پهراڻ پائيندا آهن ۽ تنبو ۾ رهندا آهن.

 

خير جيڪڏهن مهاتما گانڌي پنهنجي ٻڪريءَ سان لنڊن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري سگهن ٿا ته پوءِ ڪرنيل صاحب اُٺ سان گڏ ڇو نٿا وڃي سگهن، هو تيل جي کوهن تي تنبو هڻي ويٺل آهن، مهاتما گانڌي ته ويچارو چرخو ئي هلائي سگهندا هئا.

 

ڪرنيل صاحب جو اُٺ ۽ سندس تنبو پيرس ۾ پهچي ويا آهن جٿي فرانس جو صدر سارا زوڪي سندس استقبال ڪرڻ لاءِ آيو هيو. سارا زوڪي صاحب جي گهرواري به فرار آهي ۽ خبر ڪونهي ته ڪرنيل صاحب هن لاءِ ڪا خاص سوکڙي وٺي آيا آهن يا نه.

 

ليبيا ۽ فرانس جي درميان ڪجهه عرصو پهريان ئي صلح ٿئي هئي جڏهن ڪرنيل پنج فرانسيسي نرسن کي معافي ڏني هئي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com