آمريڪا ۾ ويجھڙائي ۾ ٿيڻ واري هڪ کوج ۾ پتو پيو آهي ته سهڻن ماڻهن کي عام مهانڊي جي ماڻهن کان گھڻي پگھار ملندي آهي.
ييل يونيورسٽي جي سياڻن جو چوڻ آهي ته ذهانت کان وڌيڪ توهان جو حسن پگھار وڌائڻ ۾ توهان جو ساٿ ڏئي سگھي ٿو. انهن جو چوڻ آهي ته انهي جو ڪو خاص ڪارڻ ناهي مليو، پر سهڻا ماڻهو تمام گھڻي اعتماد سان ڪم ڪندا آهن، انهي ڪري انهن جو ڪم چڱو هوندو آهي.
سياڻن جو هي به چوڻ آهي ته عام مهانڊي وارن کي سهڻن جي برابر پگھار وٺڻ لاءِ انهن کان 40 سيڪڙو وڌيڪ عقلمند هجڻ گھرجي. کوج ۾ هي به ٻڌايو ويو آهي ته ماڻهن کي انهن جي ڪم ۽ ذهانت جي مطابق پگھار ناهي ڏني ويندي.