اڄڪلهه شيدو دُڪان تي وار گهٽ ٺاهيندو آهي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڪري الاءِ ڇا سوچيندو رهي ٿو. هڪ ڏينهن چيائين ته توکي خبر آهي ته پاڪستان ۾ جهاد جو سمورو ڪاروبار عرب شيخ ۽ سعودي عرب جي حڪومت ڄاڻي واڻي هلايو آهي.
پڇيومانس، کين ڪهڙو فائدو ٿيندو؟
چيائين تون چريو آهين توکي ڪجهه به نظر نٿو اچي. هڪ ته هنن پنهنجي ملڪن جا سڀ شرارتي ماڻهون پاڪستان موڪلي ڇڏيا آهن ۽ هاڻي سڪون سان پنهنجي گهر ۾ ويٺا آهن. جيڪڏهن پاڪستان ۾ جهاد جو سلسلو هلندو رهيو ته هر ڪو دُبئي، مسقط ۾ سيڙپڪاري ڪندو يا نه. جيڪڏهن پاڪستان ۾ امن هجي ته سمورو سرمايو لاهور، ڪراچي ۾ ايندو.
چيومانس، شيدا تون سچ فرمائي رهيو آهين پر هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي. عرب ايترا سياڻا ۽ چالاڪ ڪيئن ٿيا ۽ هو ڄاڻي واڻي پاڪستان لاءِ بُرو ڇو سوچي رهيا آهن؟
شيدي چيو يار الائي تون ڪهڙي جهان ۾ رهندو آهين. عرب تڏهن کان واپار ڪري رهيا آهن جڏهن اسين ڳوٺن کان ٻاهر ڪونه نڪتا هئا سين ۽ جيڪڏهن اُهي پنهنجو ڪن ڏئي اسانجو ناڻو حاصل ڪري سگهندا هجن ته پوءِ ڇو نه ڪندا؟
چيومانس، مونکي ڪو ٻيو ثبوت ڏي.
چيائين، هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته جيڪڏهن هنن کي آمريڪا سان جهاد ڪرڻ جو ايترو ئي شوق هجي ها ته پوءِ آمريڪا جو ڀئو هنن جي پنهنجي ملڪن ۾ آهي. سندن ملڪن ۾ به ته آمريڪا ئي راڄ ڪندو آهي. پوءِ هو پنهنجي ملڪن ۾ جهادين کي پالڻ بدران پاڪستان ۾ ڇو پاليندا آهن؟
اڃان آئون ڪجهه چوڻ جي ڪوشش پيو ڪريان ته هن اچانڪ چيائين، توکي خبر آهي ڀٽي جي دور ۾ ڪراچي سيڙپڪاري جو گهر هو. هي سمورا عرب ڪراچي ۾ ائين ايندا هئا جيئن هاڻي اسين دبئي ويندا آهيون. ٻيڙو غرق ٿئي ضيا جو جنهن جي ڪري اسانجي ملڪ ۾ ڪن ٿيو ۽ سڀنيءَ هتان ڀڄڻ شروع ڪيو. عرب شيخن هن ڳالهه جو فائدو کنيو ۽ وڌيڪ جهادي پالڻ شروع ڪيا ۽ اڃان تائين پالي رهيا آهن.