{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > جانورن جي ڊاڪٽرن کانپوءِ هاڻي جانورن جا وڪيل به هوندا

جانورن جي ڊاڪٽرن کانپوءِ هاڻي جانورن جا وڪيل به هوندا

ويچار ڊيسڪ
February 1st, 2010

سوئٽزرلينڊ جانورن جي حقن جي ويڙهه ۾ سڀني ملڪن کان اڳتي نڪري ويو آهي. مارچ ۾ سوئٽزرلينڊ ۾ هڪ ريفرنڊم ٿيندو جنهن جي ذريعي اِهو فيصلو ڪبو ته ڇا پالتو جانورن کي به عدالتن ۾ پنهنجا وڪيل رکڻ جو حق هجڻ گهرجي يا نه.

 

انتونيو جيوشل نالي هڪ وڪيل جو چوڻ آهي ته ماڻهون پنهنجي لاءِ وڪيل رکي سگهي ٿو ته پوءِ جانورن کي اِهو حق ڇو نه ٿو ڏئي سگهجي؟ سال 2007ع ۾ زيورخ جي هڪ ضلعي ۾ تجربي جي طور تي کيس ”جانورن جو وڪيل“ مقرر ڪيو ويو هو. اِهو تجربو ڪامياب ٿيڻ سان جانورن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن کي حوصلو مليو آهي ته پوري ملڪ ۾ ”جانورن جا وڪيل“ مقرر ٿيڻ گهرجن.