{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > اسلام آباد جي آمريڪي سفارتخاني ۾ همجنس ماڻهن جي تقريب

اسلام آباد جي آمريڪي سفارتخاني ۾ همجنس ماڻهن جي تقريب

ويچار ڊيسڪ
July 4th, 2011

آمريڪي سفارتخاني پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو گادي واري هنڌ ۾ همجنس ماڻهن جي جشن جي تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي پاڪستان ۾ به آمريڪا پاران ان مقصد لاءِ حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي. آمريڪي سفارتخاني پاران گذريل مهيني 26 جون تي جاري ڪيل پريس ريليز ۾ اِها ڳالهه واضح طور ڄاڻائي وئي ته ناطم الامور رچرڊ هوگلينڊ ۽ گيز اينڊ ليپيئنس ان فارن افيئرز ايجنسيز جي ميمبرن آمريڪي سفارتخاني ۾ 26 جون تي پهريون ڀيرو همجنس ماڻهن جي جشن جي تقريب منعقد ڪئي آهي.

 

پريس ريليز ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان ۾ اهڙي وقت جڏهن انتهاپسندي سڄي معاشري کي نشانو بڻايو آهي ساڳئي وقت اهڙي قسم جي تقريب ۾ انساني حقن ۽ همجنسن جي حقن لاءِ آمريڪي سفارتخاني پاران حمايت ڪرڻ جي نيت ڪئي وئي آهي.

 

هن تقريب ۾ مشن آفيسرز، آمريڪي فوجي نمائندن، پرڏيهي سفارتڪارن ۽ پاڪستان ۾ گي، ليسبين، هاءِ سيڪوڊل اينڊ ٽرانس جينڊر ايڊووڪيسي گروپ جي نمائندن سميت 75 ماڻهن شرڪت ڪئي. هن موقعي تي ريمارڪس ڏيندي ناظم الامور آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي 31 مئي 2011 واري اعلان جو ذڪر ڪندي چيو ته همجنس ۽ صنفي سڃاڻ کان اڻڄاڻ ماڻهن خاطر مساوي حقن جي جدوجهد لاءِ پاڻ کي وري وقف ڪريان ٿو. پاڪستاني همجنس ماڻهن کي مخاطب ڪري آمريڪي ناظم الامور چيو ته توڙي سندس جدوجهد پهرين مرحلي ۾ آهي پر هن ٻڌايو ته آمريڪي سفارتخانو نه رڳو هنن جو حمايتي پر هر قدم تي هنن جي پٺڀرائي ڪندو.