کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > جنوني: شادي... ماسي، ڦڦي جي ڌيءَ سان

جنوني: شادي... ماسي، ڦڦي جي ڌيءَ سان

ڪام بخش جنوني
February 12th, 2008

مونکي ياد آهي ته منهنجا اُهي سڀئي دوست جيڪي چار ڪوٽ ۾ ڇوڪرين جي ڪڍ گهمندا وتندا هئا، ۽ ڇوڪريءَس جي خوشبو جي پوئتي هلندي کوهه ۾ ٽپ ڏيندا هئا، نيٺ اُنهن ٿڪجي ڪري پنهنجي ماسين ڦڦين جي ڌين سان شاديون ڪيون.

 

مان اڄ تائين اها ڳالهه سمجهي ڪونه سگهيو آهيان ته منهنجي دوستن جي ياري خوبصورت ڇوڪرين سان هئي پر نيٺ انهن پنهنجي چاچي، ماسي ۽ ڦڦي جي ڌين سان شاديون ڇو ڪيون. مان هيڻو هوس، انهيءَ ڪري مونکي جيڪا ڇوڪري وڻي مان هن سان شادي ڪئي ۽ پنهنجي چاچن، ماسين ڦڦين جي چڪر کان بچي ويس.

 

 

ڇوڪرا ڇوڪريون ڏيٽ تي ويندي چوندا آهن ته ”اسين ته ڪزن آهيون“. پر هاڻ ميڊيڪل ريسرچ ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هو اصلي ڪزن آهن ۽ ڊيٽ کانپوءِ شادي به ڪندا ته سمجهو هو مستقبل جي هلندڙ ڦرندڙ بيماري آهن. انهن جي سبب سماج ۾ ڪجهه وڌيڪ معذور ٻار پيدا ٿيندا. يا ائين ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا.

 

ڪجهه سال پهريان تائين جڏهن منهنجي ڀاڻيجا، ڀاڻيجيون آمريڪا کان ايندا هئا ته منهنجا ڀيڻ ڀائر غلط فهمي جا شڪار ٿي ويندا هئا. هو پنهنجي ٻارن جا رشتا هنن سان ڪرڻ جا مشورا ڏيندا هئا. هڪ ڀيرو منهنجي ڀيڻ سڀ کي گڏ ڪري پنهنجي ٻارن کي سڏ ڪيو، توهان پنهنجي ڪنهن ڪزن سان شادي ڪندئو؟

 

ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سڀئي تمام زور سان کليا. سڀئي حيران هئا ته هن ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. کين حيران ڏسي منهنجي ڀاڻيجي (جيڪا سياڻي ڇوڪري آهي، ڀاڻيجو ته ٻين ڇوڪرن جيان سڌو آهي) چيو، هي ڪيئن ممڪن آهي؟“ اسين پاڻ ۾ ڀيڻ ڀائر آهيون، ۽ ڀينرين ڀائرن سان شادي ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟“

 

ظاهر ڳالهه آهي ته مغربي ملڪن ۾ سائنسدانن گهڻو پهريان هڪ ريسرچ ڪئي هئي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ڪزن ميريج سان معزور ٻار پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. هندستان ۾ به مسلمانن کي ڇڏي هندن، سکن ۽ ٻين مذهبن ۾ ڪزنز ۾ شادي ڪرڻ جو رواج بالڪل ناهي. توڙي اُتر جا هندو سک ته پنهنجي برادري ۾ به شادي ڪونه ڪندا آهن. ها ڏکڻ ۾ مامرو ڪجهه الڳ آهي، هتي بعض اوقات مامي ڀاڻيجي جو نڪاح به ٿيندو آهي.

 

مسلمانن (گهٽ ۾ گهٽ ڏکڻي هندستاني) ۾ سڀ کان پهريان ڪزنز سان شادي جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. عاشقي به ڪزنز جي درميان ٿيندي آهي. خبر ناهي ته هن جو اهو ڪارڻ آهي ته اهو تمام بند بند سماج آهي ۽ هن جي اندر خاندان کان ٻاهر واري ڇوڪري سان شادي ڪرڻ کي گناهه سمجهيو وڃي ٿو يا ڪنهن پراڻي سماج جي ريت جاري آهي جڏهن ڀيڻ ڀاءُ جي شادي ٿيندي هئي. هي تمام خطرناڪ آهي.

 

مان ته پنهنجي ذال کي وارننگ ڏني آهي، اسانجي ٻارن جون شاديون ڪنهن ڪزن وزن سان ڪونه ٿينديون، هي پاڻ ۾ ڀيڻ ڀاءُ آهن. مان پنهنجي آمريڪي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي جي خيالات سان متفق آهيان.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com