{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > جاپان ۾ مڙدن لاءِ هوٽل

جاپان ۾ مڙدن لاءِ هوٽل

ويچار ڊيسڪ
September 16th, 2011

جاپان جي شهر يوڪوهاما ۾ هڪ نئون هوٽل کليو آهي پر اِهو هوٽل زنده ماڻهن لاءِ نه پر مڙدن لاءِ آهي.

 

هوٽل ۾ مڙدن کي ريفريجريٽرن ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ مڙدن جا دوست ڪڏهن به اچي ڪري هنن کي ڏسي سگهن. پر هن هوٽل ۾ مهمان هميشه لاءِ نٿا رهن. مڙدا اوستائين هوٽل ۾ رهن ٿا جيستائين هنن جي قبر ۾ دفن ٿيڻ جو وارو نه ٿو اچي.

 

هن وقت هوٽل ۾ 18 مڙدا مهمان آهن جتي مڙدن جي رهڻ جو ڪرايو 157 ڊالر آهي. يوڪوهاما شهر ۾ هڪ مڙدي کي دفنائڻ ۾ 4 ڏينهن گذري وڃن ٿا. هوٽل انتظاميا موجب جيڪڏهن ماڻهو پنهنجا مڙدا اسانجي هوٽل ۾ نه رکرائيندا ته پوءِ هنن کي مڙدي گهر وڃڻو پوندو جتي پهريان ئي تمام گهٽ جاءِ هوندي آهي.