{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > ڏيهي ”ڀنگ جا پڪوڙا“ ۽ پرڏيهي ”ڀنگ چاڪليٽ“

ڏيهي ”ڀنگ جا پڪوڙا“ ۽ پرڏيهي ”ڀنگ چاڪليٽ“

ويچار ڊيسڪ
April 4th, 2012
4.5 / 5 (5 Votes)

پنجاب ۾ ڪڏهن ڀنگ جا پڪوڙا تمام مشهور هوندا هئا ۽ ڇوڪرا مسخري لاءِ ٻين کي ڀنگ جا پڪوڙا کارائيندا هئا. پر هاڻي شايد هن مسخري جي ضرورت محسوس ڪونه ٿيندي ڇو ته هڪ آمريڪي ڪمپني ”ڀنگ چاڪليٽ“ مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو منصوبو جوڙيو آهي ۽ ٽريڊ مارڪ جي منظوري لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي.

 

ڪمپني ذريعن موجب اِها ڀنگ چاڪليٽ پهريان آمريڪا ۾ وڪرو ڪئي ويندي بعد ۾ هوريان هوريان هندستان پهچندي. انهيءَ چاڪليٽ جو نالو هوندو ”ڀنگ؛ اصل ڀنگ چاڪليٽ“ جيڪڏهن ٽريڊ مارڪ جي منظوري ملي ويندي ته پوءِ ڪو ٻيو ماڻهو چاڪليٽ لاءِ ڀنگ جو لفظ استعمال ڪونه ڪري سگهندو.

 

رڪسل نالي ڪمپني پهريان ئي ”ڀنگ چاڪليٽ ڪمپني انڪارپوريشن“ نالي سان هڪ ڪمپني ٺاهي ورتي آهي ۽ چاڪليٽ جي مشهوري لاءِ اِها ڪمپني ٽي شرٽس، بيس بال ڪيپ سان گڏوگڏ ”ڀنگ چاڪليٽ“ جا لوگو وارا کوڙ سارا آئيٽم تيار ڪري رهي آهي. رڪسل موجب مستقبل ۾ هن چاڪليٽ کي سڄي دنيا ۾ وڪرو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.

 

رڪسل ڪمپني ٻن قسمن جون ڀنگ چاڪليٽون ٺاهڻ چاهي ٿي هڪ اڇي چاڪليٽ جنهن ۾ ڀنگ جا ٻج ۽ تيل هوندو ۽ ٻئي ڪاري جنهن ۾ گانجو هوندو.