جيڪڏهن ڪو به شادي کان پهريان فرار ٿيندو، چاهي هو گهوٽ هجي يا ڪنوار هن جو جرمانو ادا ڪندو. اها ڳالهه قانون بڻجي ويندي، جيڪڏهن مئڪسڪو جي هڪ مقامي ڪانگريس ممبر جو پيش ڪيو قانون منظور ٿي ويو.
مئڪسڪو ۾ شادين تي تمام وڌيڪ خرچ ٿيندو آهي ۽ گهڻو ڪري اهو خرچ ڪنوار وارا برداشت ڪندا آهن. پر اڪثر ائين ٿيندو آهي جو شادي کان هڪ يا ٻه ڏينهن پهريان گهوٽ يا ڪنوار انڪار ڪندا آهن.
مئڪسڪو ۾ عام شاديين ۾ پنج سئو کان هڪ هزار مهمانن کي انوائٽ ڪيو وڃي ٿو. رنگ برنگي پڪوان تيار ڪيا ويندا آهن ۽ هڪ سال پهريان شادي هال جي بُڪنگ ڪرائي وڃي ٿي. انڪري شادي جي موقعي تي گهوٽ يا ڪنوار جو غائب هجڻ هڪ وڏو نقصان ثابت ٿيندو آهي. ڪانگريس ممبر جو چوڻ آهي جو اهو خرچ فرار ٿيل پارٽي کي ادا ڪرڻ گهرجي.
ڪانگريس مين جو چوڻ آهي ته مڱڻي کي به هڪ قانوني معاهدو قرار ڏنو وڃي ۽ شادي کان پهريان معاهدو تيار ڪرڻ ضروري هوندو جنهن ۾ اهو لکيو ويندو جو طلاق جي صورت ۾ ڪنهن کي ڇا ملندو. هن سان طلاق مهل ٿيندڙ جهيڙا گهٽجي ويندا. اڄڪلهه مئڪسڪو ۾ طلاق جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.