کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > ٽائلٽ ۽ مسٽر ٽائلٽ

ٽائلٽ ۽ مسٽر ٽائلٽ

وچار ڊيسڪ
February 27th, 2008

پاڪستانين ۾ مسٽر سم جاءِ ڊڪ جهڙا ماڻهون تمام گهٽ آهن. پر ڪجهه ماڻهون هن وانگر بڻجي سگهن ٿا. مسٽر سيم جاءِ ڊڪ، ورلڊ ٽائلٽ ايسوسي ايشن جو مُک اڳواڻ آهي ۽ ٽائلٽ ۾ ئي پيدا ٿيو ۽ هاڻ سيول ڪوريا ۾ هڪ ٽائلٽ ٺهرائي هتي ئي مرڻ جو خواهشمند آهي. انهيءَ ڪري هن وڪيل پنهنجي 30 سالن جي پراڻي گهر کي مسمار ڪرائي هن کي ٽائلٽ جو روپ ڏنو آهي.

 

سم صاحب جو هڪ ريسٽ روم اندر پيدا ٿيڻ هڪ ڪورين ريت موجب آهي ڇاڪاڻ ته هتي پيدا ٿيل ماڻهون جي عمر طويل هوندي آهي. ٻه ڏهاڪا پريان 1988ع جي سمر اولمپڪس جو ذڪر آهي جنهن کانپوءِ 2002ع ۾ ورلڊ ڪپ ٿيڻو هو، ڪوريا طئي ڪيو هو ته انهن ايونٽس کي ڏسڻ لاءِ ٻاهريان آيل مهمانن لاءِ هو خوبصورت ٽائلٽ ٺهرايا ويندا.

 

سم به ڪوريائي ٽائلٽ انقلاب جو شاهڪار آهي. هن ملڪ ۾ ڪاميابي کانپوءِ هن کي هڪ نئون چئلينج مليو آهي يعني سموري دنيا ۾ ٽائلٽ تيار ڪرڻ سان گڏ دنيا مان هائي جينڪ جو خاتمو. سندس مهم جي حمايت ڏکڻي سرڪار به ڪندي آهي.

 

” منهنجو خيال آهي ته مان ٽائلٽ ڪلچر جي فروغ لاءِ پيدا ٿيو آهيان.“ مسٽر سم کي سندس اصلي نالي بدران مسٽر ٽائلٽ سڏائڻ وڌيڪ پسند آهي. هو گلوبل ٽائلٽ ريوولوشن جو بنياد وجهڻ لاءِ هر ممڪن جتن ڪري رهيو آهي، ته جيئن دنيا هن کي ڪلچر جي طور تي تسليم ڪري.

 

سندس گهر هاءِ وو جاءِ (جنهن جو مطلب سڪون آشرم آهي) جي ٻاهر ”مسٽر ٽائلس هوم“ جي نيم پليٽ نصب ڪئي آهي. سندس گهر سيول ايريا کان 40 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ضلع سوان ۾ واقع آهي. سندس گهر تي 16 لک ڊالر خرچ ٿيو آهي. مسٽر سم هن علائقي جو ميئر به رهيو آهي. 21 نومبر تي ورلڊ ٽائلٽ ايسوسي ايشن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کان پهريان هن پنهنجي عهدي کان فارغ ٿيو.

 

2008ع ۾ هن اقوام متحده کان انٽرنيشنل ايئر آف سينيٽيشن جي اجازت ورتي جيئن ته ملينيم ڊيولپمٽ گول (ايم ڊي جي) هيٺ عوام ۾ صفائي جو جذبو پيدا ڪري سگهجي ۽ 2015 تائين بنيادي ٽائلٽ جي ضرورتن کان محروم ماڻهن جو انگ اڌ ڪرڻ جو جتن ڪيو وڃي.

 

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي انگ اکر موجب هن پراجيڪٽ تي لاگت هينئر کان 2015 ائين 10 بلين ڊالر ساليانو ٿي ويندي. پر دنيا وارن جي ٻي خرچ جي خلاف 2005 ۾ ملٽري تي ڪيل خرچ جو 1 سيڪڙو، دنيا ۾ پاڻي جي بوتلن تي خرچ يا يورپي ملڪن جي ساليانو آئيس ڪريم جي خرچ جي اڌ لاگت کان به وڌيڪ آهي.

 

مسٽر سم جي مطابق هن مسئلي کي وڌيڪ عرصي درگزر نٿو ڪري سگهجي ”مان خاموشي ٽوڙيندي هن بد ۽ ناپسند موضوع جي لاءِ قدم کنيو آهي. هن موضوع جي باري ڳالهائڻ کي بُرو نه سمجهڻ گهرجي، جڏهن ته اسين سڀئي سڄي ڏينهن ۾ گهڻو ڀيرو اهو ڪم ڪندا آهيون؟. سندس چوڻ جو مطلب آهي ته عالمي سطح تي سينيٽري جي ضرورت آهي.

 

دنيا جي 40 سيڪڙو مائرون جن جو انگ 2.6 بلين آهي هنن کي بهتر سينيٽيشن جي ضرورت آهي، هر سال 1.8 ملين ماڻهون وائي جي بيماري جو شڪار ٿيندا آهن، جنهن جو وڏو ڪارڻ ڪنو پاڻي، ڪني صفائي ۽ ناقص هائي جينڪ استعمال آهي. سڀ کان وڏي گڻتي جي ڳالهه اها آهي جو انهن موتن جو وڏو انگ ايشياء ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 90 سيڪڙو ٻار پنج سالن کان گهٽ زنده رهندا آهن.

 

هن عمارت جي اڏاوت ۾ اسٽيل ۽ ڪنڪريٽ شامل ڪيو ويو آهي ۽ سم فيملي کي اهو ٻڌائيندي ندامت ناهي ٿيندي جو اها ٽائلٽ جهڙي عمارت سندن پراپرٽي آهي. هن گهر کي شيشي جي درين سان سينگهاريو ويو آهي. هڪ ڪنڍ ۾ صوفو ۽ ٽيليويزن آهي جڏهن به ٻي پاسي ۾ ڊائننگ ايريا ۽ ڪچن آهي. طويل ڏاڪڻ پهرين منزل ڏانهن ويندي آهي جتي بيڊ رومز آهن جن ۾ گهر وارن کان علاوه ڪنهن کي به وڃڻ جي اجازت ناهي. پهرين نظر ۾ هر ڪنهن کي سمنڊ جهاز محسوس ٿيندو آهي پر مٿان ڏٺو وڃي ته هو بنا ڍڪڻ جي ڪموڊ وانگر آهي.

 

هن گهر جو سينگهار هن جو ليونگ روم آهي جٿي شيشي جي ڀتين ۾ ٽائلٽ آهي. هو ڪمرو ٽرانسپرنٽ آهي پر جڏهن ڪو اندر داخل ٿيندو آهي ته اسپيشل سينسر ايندڙ ماڻهن جو آواز ٻڌي آن ٿي ويندا آهن ۽ ائين هو اندر ويهي مڪمل پرائيويسي سان سنگيت جو سڪون ماڻيندو آهي.

 

هي گهر هڪ ماحُولي دوست (ايڪو فرينڊلي) به آهي. 3 ٽائلٽ ۾ عام بيت الخلاء کان 70 سيڪڙو گهٽ پاڻي استعمال ڪيو وڃي ٿو. سٽوريج ٽينڪ ۾ هر مهيني 3.5 ٽن پاڻي محفوظ ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته سولر پينلز سان گند جي صفائي ڪئي وڃي ٿي.

 

”مان سوچيو نه هو ته ڪڏهن منهنجو گهر ۾ ايترا ماڻهون هوندا“ سم جو چوڻ آهي ته ”مونکي پنهنجي ذال کي نئين گهر جي ڊيزائن لاءِ راضي ڪرڻ لاءِ ڪيترا مهينا لڳا هئا.“ ۽ چهن مهينن کانپوءِ منهنجو گهر مڪمل ٿيو هو.

 

پر سندس ميڊيا جي باري چوڻ آهي ته هنن شائقين کي گهر جي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملڻ کانپوءِ رڙيون ڪيون هيون. جيڪڏهن ڪجهه ماڻهون بائول کي اندريان ڏسڻ جا خواهشمند آهن ۽ هنن کي ترقي پذير ۽ غريب ملڪن ۾ بهتر بيت الخلاء ٺاهڻ لاءِ مدد جي طور تي هڪ ڊالر جو فنڊ ضرور ڏيڻ گهرجي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com