سائين محاورو ٻڌو هو ”ڪاوڙ ڪنڀر تي ۽ ڪن موڙيا گڏهه ها“ پر هاڻ هن جو استعمال به ڏٺو سين. پر محسوس ٿيندو آهي ته ڪاوڙ ته اڄائي هئي اصل ڪاوڙ ته گڏهه تي هيو. شايد گڏهه غلطي سان ڌڪ رسايو هوندو.
اڄ جو ڪنڀر ڊنمارڪ جا اُهي ڪارٽونسٽ آهن جيڪي توهين رسالت جا ڪارٽون ٺاهيندا ۽ شايع ڪندا آهن ۽ گڏهه يوٽيوب (You Tube) آهي جنهن اهي ڪارٽون اپلوڊ ڪيا هئا. يو ٽيوب انٽرنيٽ جو اهڙو سلسلو آهي جنهن تي هر ڪو پنهنجي ويڊيو اپلوڊ ڪري سگهي ٿو. انڪري گانن کان وٺي جنرل مشرف جي باري فلمي شاٽ اپلوڊ ڪيا ۽ ڏٺا وڃن ٿا.
جنرل مشرف جي حڪومت کان يوٽيوب تي ڪاوڙ هئي جو ڪو به هن تي جنرل مشرف جو مزاحيه خاڪو اپلوڊ ڪندو آهي ۽ هن کي روڪڻ جو ڪو به طريقو ناهي. هاڻ هنن هڪ ”مقدص“ جواز ٺاهي يوٽيوب وارن جو منهن بند ڪيو آهي. جنرل مشرف يا ٻيا مولوي ڊنمارڪ کي ڇيهو نٿا رسائي سگهن. ۽ هو رسائڻ به نٿا چاهن، هو ته رڳو يوٽيوب وارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن.
پر هڪ سوال پڇڻ چاهيندس ته هن سان يوٽيوب کي ڪهڙو فرق پوندو؟ فرق ته پونده جو پاڪستان جي انهن ماڻهن کي جيڪي انٽرنيٽ ذريعي يوٽيوب جي رنگين پروگرامن کان مزو ماڻيندا هئا. سٺا پروگرام ڏسندا هئا، گانا ٻڌندا هئا. هزارين نوجوان هن سائٽ جي ذريعي انجواءِ ڪندا هئا. هاڻ مذهب جي نالي تي سندن سائيٽ تي بندش هنئي وئي آهي. هاڻ هنن مان ڪجهه مجاهد ٿيڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن.
اسانجي ملڪ ۾ مذهب جو اهڙو سياسي استعمال ئي آهي جنهن سان دهشتگرد ۽ جهادي ايستائين پهچندا آهن. جنرل مشرف جي يا ڪو ٻيو هنن جو مذهب سان واسطو ناهي. رات جو شراب ڪباب ۽ راڳ رنگ جي محفلن ۾ هوندا آهن ۽ صبح اُٿڻ کانپوءِ مذهب جي لٺ پڪڙي عوام تي ڪاهه ڪندا آهن. پوءِ اها لٺ دهشتگرد حملن ۾ تبديل ٿيندي آهي ۽ مجرو ڪرائيندڙ آمريڪا کان هن کي بند ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ پئسن جو مطالبو ڪري وڏا ۽ عاليشان مجرا ڪرائيندا آهن.
مان اهو سڄو قصو شيدي کي ٻڌايو ته هن کلندي وراڻيو. يار هي نٿا چاهن ته عوام به مجرو ڏسي. اها شان ته حاڪمن جي آهي نه.... مونکي ڇوڪرا ٻڌائيندا آهن جو توهان ڪمپاٽران (هو ڪمپيوٽر کي ڪمپاٽر چوندا آهن، خبر ناهي ڇو) تي به مجرو ڏسندا آهن.
مون چيو يار هو به ڏسندو هوندو پر هن تي هر شئي ڏسي سگهجي ٿي. قرآن جي تلاوت به ٻڌي وڃي ٿي ۽ رنگين روحاني قواليون به.
شيدي چيو ”نه ادا... توهان ائين به اهي شئيون ڏسي سگهو ٿا. پر توهان جيڪو به ڪمپاٽرن تي ڪندا آهيو، هو هنن کي ناپسند آهي، ڇاڪاڻ ته هن ويب سائيٽ تي بادشاهه صدر جنرل پرويز مشرف صاحب جا مزاحيه خاڪا به موجود آهن“. انهيءَ ڪري هن کي توهانجي اها حرڪت پسند ناهي جنهن جي سبب هن يوٽيوب تي بندش هنئي آهي.
مان چيو، پر يار هو ڪنهن ڪنهن کي جهلندا؟
شيدي چيو.. ”اڙي ڊاڙي، جيستائين سندن وس هلندو. ادا تون مونکي ٻڌاءِ جو ايران ۾ حضرت علي عليه اسلام ۽ پنجتن پاڪ جون تصويرون ملنديون آهن؟“
مان چيو، آئون ٻڌو آهي ته ملنديون آهن.
”پوءِ مولوي ايران تي حملو ڪن“. شيدي کلندي وراڻيو. پر ٿوري دير خاموش رهڻ کانپوءِ هن تمام ڳوڙهي انداز ۾ چيو، ”پر هو ته هر پاسي کان غريبن ۽ معصومن تي ئي حملو ڪندا آهن.“