کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > سيڪس لاءِ لاش جي ايڪٽنگ

سيڪس لاءِ لاش جي ايڪٽنگ

ڪام بخش جنوني
March 1st, 2008

جنوني غير حاضر رهڻ لاءِ اوهان کان معافي طلب ڪري رهيو آهي. ائين به جيڪو آهي ئي جنوني هو ريگولر ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ سائين توهانکي سمجهڻ گهرجي.

 

توهان پهريان هڪ لطيفو ٻڌو جيڪو توهان گهڻو ڪري پهريان به ٻڌو هوندو. پر هن لطيفي سان لاڳاپيل جيڪا ڳالهه مان اوهانکي ٻڌائي رهيو آهيان، توهان پهريان گهٽ ٻڌي هوندي.

 

چوندا آهن ته هڪ مسخرو ماڻهون جنگ وڙهڻ ويو. فوج کي شڪست ٿئي ۽ سندس پٽي ڀاءُ مارجي ويا. هو مسخرو بچي پيو پر هو ڀڄڻ جي حالت ۾ نه هيو. جڏهن هن ڏٺو ته دشمن فوج جا سپاهي اچي رهيا آهن ته هو به لاش هجڻ جو ناٽڪ شروع ڪيو. دشمن فوج جا سپاهي سڀنيءَ لاشن کي هڪ هڪ ڪري ڌڪ هڻي رهيا هئا ته جيئن ڪو زنده آهي ته هن کي ماريو وڃي. جڏهن هن مسخرو کي ڌڪ لڳو ته هن چيو ”شهيدن کي تنگ نه ڪريو“.

 

هن مسخرو سان ڇا ٿيو اسانکي خبر ناهي پر ڊنمارڪ جي هڪ سائنسدان تحقيق ڪئي آهي ته نر ماڪوڙو مادي ماڪوڙي کي ڦاسائڻ لاءِ مرڻ جو ناٽڪ ڪندا آهن ۽ هو ان ناٽڪ ۾ ڪامياب به ٿيندا آهن.

 

سائنسدان گهڻا ئي ماڪوڙا گڏ ڪيا جن ۾ مادي ۽ نر ٻئي شامل هئا. جنسي مزو ماڻڻ لاءِ ۽ مادي ماڪوڙي کي ڦاسائڻ لاءِ نر منهن ۾ کائڻ جون شئيون پيش ڪندا آهن. پر ڪجهه ماڪوڙا چالاڪ هوندا آهن. هو مرڻ جو ناٽڪ ڪندا آهن. جڏهن مادي ماڪوڙي هنن کي گهلي کڻي ويندي آهي ته هو پنهنجي عشق جو تير هلائيندا آهن. پوءِ سندن ڪم ٺهي وڃي ٿو.

 

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڪوڙا کائڻ جون شئيون پيش ڪندا آهن هنن مان ڪيترا ئي ماڪوڙا ناڪام ٿي ويندا آهن ۽ ڊرامو ڪندڙ ماڪوڙا ڪامياب ٿي ويندا آهن. هنن اهو پڻ ڏٺو آهي ته مرڻ جو ناٽڪ ڪندڙ ماڪوڙا ٻين ماڪوڙن کان وڌيڪ عرصي تائين مزو ماڻيندا آهن. ۽ اهڙيون ماده ماڪوڙين جا آنا به وڌيڪ هوندا آهن.

 

هن کي ڏسي خبر ناهي نر مرد ڇا سبق سکندا. پر مان هڪ سٽڪام ۾ ڏٺو هو ته هڪ مرد ايڪٽر جنهن عورت سان ملندو هو پهريان هن سان ٿوري وقت تائين ياري نڀائيندو هو. پوءِ روئيندڙ صورت ٺاهي ڏيکاريندو هو، خبر ناهي ته هو ائين ڇو ڪندو هو ڇاڪاڻ ته مان نامرد آهيان. عورت کي رحمدلي جو مظاهرو ڪندي سندس امداد ڪرڻ کي وڏائي سمجهندي هئي.

 

سٽڪام جي ڪهاڻي جي آخر ۾ ٻه عورتون هڪ ٻي کي ٻڌائينديون آهن ته هو ويچارو نامرد هيو پر مان ڪوشش ڪرڻ کانپوءِ هن کي صحيح ڪرايو آهي. ٻي حيرت ۽ ڪاوڙ سان چيو. منهنجو خيال هو ته هن کي مان ٺيڪ ڪيو هو. ٻئي هن کي مارڻ لاءِ تلاش ڪنديون آهن پر ايڪٽر صاحب ته الاءِ ڪٿي گم ٿي ويو هو.

 

چوڻ جو مطلب آهي ته مرڻ جي يا نامرد هجڻ جي ايڪٽنگ ڪرڻ کان پهريان فرار ٿيڻ جو بندوبست ضرور ڪجو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com