کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > موڪل وٺڻ لاءِ ڪُلهي تي گولي هڻائي

موڪل وٺڻ لاءِ ڪُلهي تي گولي هڻائي

وچار ڊيسڪ
March 4th, 2008

واشنگٽن رياست جي پوليس کوجين جو چوڻ آهي ته هڪ ماڻهون ان ڪري ڪُلهي تي گولي لڳرائي جيئن ته هو ڊيوٽي تي نه وڃي سگهي. المعروف ڊينيل ڪوچ سان پهريون ڀيرو ڳالهايو ويو ته هن ٻڌايو ته نامعلوم ماڻهون مٿس فائرنگ ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا.

 

پر بعد ۾ ڪوچ تسليم ڪيو آهي ته هن پنهنجي دوست کي سندس ڪُلهي تي گولي هڻڻ لاءِ چيو هو ته جيئن هو ڊيوٽي تي نه وڃي سگهي. هن نشي جو ٽيسٽ نه ڪرائڻ لاءِ پنهنجي دوست کان ڪُلهي تي گولي لڳرائي. ظاهر آهي ته ڪوچ جي دوست کي به گرفتار ڪيو ويندو ۽ ڪوچ کي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جي سزا پڻ ڏني ويندي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com