هڪ ايراني عدالت فيصلو ٻڌايو آهي ته هڪ ماڻهون پنهنجي ذال کي هڪ لک چويهه هزار گلاب جا گُل ڏي. هن شادي مهل ڪابين ۾ اهي گُل ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.
سندس ذال جو چوڻ آهي ته هن اهو مطالبو ان لاءِ ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته سندس مڙس تمام وڌيڪ ڪنجوس آهي. ايراني اخبار اعتماد جي مطابق ذال جو چوڻ آهي ته هو گڏجي ڪافي پيئڻ ويندا آهن ته سندس مڙس ڪافي جا پئسا به هن کان وٺندو آهي.
عدالت هن ماڻهونءَ جي فليٽ مٿان قبضو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته هڪ لک چويهه هزار گُلن جي قيمت ٻه لک 65 هزار ڊالر آهي ۽ سندس فليٽ جي قيمت 64 هزار ڊالرز آهي.
اخبار اعتماد جي مطابق هنگامه نالي جي عورت شادي جي 10 سالن کانپوءِ پنهنجي ڪنجوس ۽ بخيل مڙس کي عدالت کان سزا ڏيارڻ جي لاءِ ڪابين (حق مهر) جو مطالبو ڪيو آهي ڪيو آهي
ذال جو چوڻ آهي ته شادي کانپوءِ کيس اندازو ٿي ويو هو ته سندس مڙس شاهين تمام وڌيڪ ڪنجوس ۽ بخيل آهي. شاهين عدالت کي ٻڌايو آهي ته هو هڪ ڏينهن ۾ رڳو 5 گُل ڏئي سگهي ٿو ۽ هن جي ذال کي سندس ڪروڙ پتي دوستن اهو مهاڳ ڏيکاريو آهي. پر جج سندس اپيل کي رد ڪيو ۽ سندس فليٽ تي قبضو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
اسلامي ۽ ايراني قانون مطابق شادي کانپوءِ جڏهن به ذال جڏهن به چاهي ته پنهنجو ڪابين (حق مهر) جو مطالبو ڪري سگهي ٿي.