کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > برطانيا: شادي ڪرڻ لاءِ بيمار ٿيو

برطانيا: شادي ڪرڻ لاءِ بيمار ٿيو

وچار ڊيسڪ
March 7th, 2008

جيڪڏهن توهان برطانيا جا رهواسي آهيو ته توهانکي شادي ڪرڻ لاءِ ناري جي ضرورت آهي ته هن جو آسان طريقو آهي ته توهان بيمار ٿيڻ کانپوءِ اسپتال ۾ داخل ٿيو. هتي ڪو نه ڪو نرس توهان سان سيٽ ٿي ويندي ڇاڪاڻ ته هينئر هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته برطانيا جون هزارين نرسن مريضن کي ڦاسائڻ جو اقرار ڪيو آهي.

 

10 مان هڪڙي نرس جو خيال آهي ته اسپتال جي مريضن سان تعلقات رکڻ ۾ ڪو حرج ناهي. برطانيا ۾ شايع ٿيل نرسن جي رسالي ”نرسنگ“ ۾ شايع ٿيل سروي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هر نرس کي خبر آهي ته ڪهڙي نرس جا ڪهڙي مريض سان جنسي تعلقات آهن.

 

نرسن ۽ مريضن جي درميان جنسي تعلقات ڪا وڏي ڳالهه ناهي ۽ اهڙن ڪيترن ئي مامرن جو انت شادي هوندو آهي. برطانيا ۾ اٽڪل چار لک نرسون آهن جن مان وڌيڪ اڪثريت هندستاني نرسن جي آهي.

 

رائل ڪاليج آف نرسنگ جو چوڻ آهي ته هن سروي رپورٽ تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنوري ۾ صحت جون سهولتون ڏيندڙ ڪائونسل پاران نرسن جي لاءِ هڪ نئون سخت قانون ٺاهيو ويو جنهن ۾ نرسن کي خبردار ڪيو ويو هو ته جيڪا نرس پنهنجي مريض سان جنسي تعلقات قائم ڪندي هن کي سخت سزا ڏني ويندي. رائيل ڪاليج جي جنرل سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته اڃوڪي مريضن سان جنسي تعلقات قابل معافي ناهي پر جيڪڏهن ڪو پراڻو مريض هجي ته هن سان جنسي تعلقات رکڻ کي قبول ڪري سگهجي ٿو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com