جنوني کي پهريان کان يقين هو ته جيئن جيئن عورتون روزگار حاصل ڪرڻ ۾ مردن جي برابر اچي رهيون آهن، اوتري جلدي عورتون به مردن وانگر جنسي شڪار جو آغاز ڪنديون. جنوني سوچيندو آهي ته مردن ۾ روزگار حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ ڪهڙي شئي آهي جيڪا عورتن ۾ ناهي. ۽ جيڪڏهن عورتون مردن جي برابر ٿي ويون يا اڳتي نڪري ويون ته سمجهو مرد ڦاسندا ۽ عورتون ڦاسائيندڙ هونديون، عورتن بدران مردن جا ريپ ٿيندا.
مان ٻڌو آهي ته يورپ ۾ اڄ کان گهڻو عرصو پهريان اهڙا ڪم ٿي رهيا هئا. هاڻي وڏي عهدن تي فائذ ۽ مالدار عورتون اهڙي قسم جي جوان ڇوڪرن کي ڦاسائڻ کانپوءِ شاديون ڪنديون آهن جيئن پنهنجو مصطفي کر صاحب پنج ڇهه سالن کانپوءِ 20 يا 25 سالن جي ناري سان نڪاح ڪندو آهي.
پر فرانس ۾ شايع ٿيل هڪ رپورٽ سموري غلط فهميون صاف ڪري ڇڏيون آهن. هي 600 پيجز تي مبني هڪ وڏي رپورٽ آهي جنهن ۾ 12 هزار ماڻهن کان انٽرويو ورتو ويو آهي. رپورٽ جي هيڊنگ آهي ”ڇا عورتون مردن جيان آهن؟“
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 1970 جي نسبت اڄ عورتن جي جنسي پارٽنر ڊبل ٿي ويون آهن. هڪ ئي جنسي ساٿي رکندڙ فرانسيسي عورتن جو انگ 2006 ۾ رڳو 34 سيڪڙو رهجي ويو آهي. 1970 ۾ هن جو انگ 68 سيڪڙو، 1992 ۾ 43 سيڪڙو هيو. هاڻ وڏي عمر واريون عورتون جنسي شوق رکنديون آهن. هاڻ 10 مان 9 عورتون 50 سال جي عمر کانپوءِ به پنهنجي جنسي زندگي جاري رکنديون آهن، جڏهن ته 1970 ۾ هن عمر جون 50 سيڪڙو عورتون اهڙو ڪم ڪنديون هيون.
هن دور جي نئين صدر نڪولس ساراڪوزي ماڊل ڇوڪري ڪارلا بروني سان عشق کانپوءِ شادي ڪئي، فرانس ۾ عورتن جي جنسي آزادي جي باري چوٻول ٿي رهيا آهن. ڪارلا بروني ڪجهه ڏينهن پهريان هڪ نئون بيان جاري ڪيو هو ته رڳو هڪ ماڻهون سان جنسي فعل ڪرڻ تمام ”بور“ ڪم آهي.
هن پنهنجي جنسي ”فتوحات“ جو ذڪر وڏي فخر سان ڪيو. هن جو چوڻ آهي ته ”مان مردن کي ڪنٽرول ڪندي آهيان، هڪ هڪ اطالوي ٻلي آهيان“ بعد ۾ هن اهو به فرمايو هو ته ”مان وفادار آهيان. پر پنهنجي. مان هڪ ئي جنسي ساٿي سان ٿورو وقت بسر ڪندي آهيان پر مان وڌيڪ مردن ۽ عورتن سان تعلقات رکڻ کي سٺو سمجهان ٿي“.
منهنجو خيال آهي ته هن رپورٽ کانپوءِ مردن کي پنهنجي مستقبل جو اندازو ٿي ويو هوندو. هاڻ ڪيڏانهن ويندئو؟ جنوني صاحب ته منهن ڏنو آهي. ۽ سندس ذال هاڻ ايندڙ جنم ۾ فرانسيسي عورتن جي برابري ڪندي. پر جوان ڀائرو توهانجو ڇا ٿيندو؟ توهان روزانو چوندا آهيو ته فلاڻي ڦاسائي هئي ۽ فلاڻي کي ڇڏي ڏنو سين. هاڻ توهان ٻڌندئو ته فلاڻي توهانکي ڦاسائڻ جي چڪر ۾ آهي. ڀڄي وڃو جيڪڏهن ڀڄي سگهو ٿا.
مونکي هڪ انگريز جو لطيفو ياد آيو آهي جيڪو 95 سال جي عمر ۾ آسٽريليا لڏپلاڻ ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو. ڪنهن ڀڇيو وڏا توهانکي ڪهڙي مصيبت آهي؟ چيائين جڏهن ننڍو هوس ته هم جنسي جو لفظ به نه ٻڌندا هئا سين، هوريان هوريان هن جي باري بحث ٻڌو سين ۽ هاڻ ته هم جنسي عام آهي ۽ هو هڪ ٻي سان شادي ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. حڪومتون سندن ڳالهيون تسليم ڪري رهيون آهن. آئون سوچيندو آهيان ته هن کان پهريان جو هم جنسي لازمي ٿي هن کان پهريان هتان وڃڻ ۾ فائدو آهي.