کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > کٽي مٺي > ويهه وزار پائونڊ ۾ ويهه منٽ

ويهه وزار پائونڊ ۾ ويهه منٽ

وچار ڊيسڪ
March 21st, 2008

هالي وڊ جي اداڪاره سڪارلٽ جوهانسن جي هڪ فين فلاحي اداري آڪسفيم لاءِ منعقد ڪرايل آن لائن بولي ۾ اداڪاره سان ويهه منٽ گذارڻ لاءِ ويهه هزار پائونڊ جي رقم ادا ڪئي. سڪارٽ جوهانسن پنهنجي مداح سان پنهنجي نئين فلم ”هي از ناٽ ديٽ جسٽ انٽويو“ جي جولائي ۾ آمريڪا ۾ ٿيندڙ ورلڊ پريميئر ڏسڻ لاءِ ويندي.

 

برطانيا ۾ رهواسي جو اصلي نالو ڪونه ٻڌايو ويو پر پر اي بي ۽ سندس نالو بوسنور لکيو ويو آهي. آڪسفيم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته غربت جي خلاف ويڙهه لاءِ گڏ ڪيل رقم ”زبردست“ آهي. آڪسفيم جو چوڻ آهي ته هي سموري رقم دنيا ۾ غربت جي خلاف منصون لاءِ استعمال ڪئي ويندي.

 

پهرين ڪامياب ٿيل مداح جي وارن ۽ صورت تي ميڪ اپ ڪيو ويندو ۽ بعد ۾ هو اداڪاره سان پريميئر جي نمائش ڏسڻ ويندو. هن فلم ۾ ڊريو بيري مور، جينيفر انيسٽن، جينيفر ڪونولي ۽ بين ايفلڪ پڻ ڪم ڪري رهيو آهي. مشهور اداڪاره آڪسفيم نيويارڪ ۾ ٿيندڙ ”سيڪس اينڊ دي سٽي“ جي پريميئر لاءِ به بالڪل اهڙي قسم جو فنڪشن ڪرائڻ جو منصوبو جوڙي رهي آهي. بولي ۾ ڪامياب ٿيڻ وارو ماڻهون ڪرسٽن ڊيور سان ملاقات ڪندو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com