جي سائين سڄو ڪم ٿي ويو. يوسف رضا گيلاني جو وزير اعظم ٿيڻ اڄايو ناهي. مان ڊوڙيندو شيدي مسيني جي دوڪان تي پهتس جتي وزير اعظم جي باري چوٻول ٿي رهيا هئا. نه شيدي کي ماڻهن جا وار ٺاهڻ جو هوش هيو نه وري گاهڪن کي تڪڙ هئي. اڄ ته پروفيسر صاحب ته هتي موجود هيو. مان شيدي کان پڇيو هاڻ ٻڌاءِ تنهنجي پارٽي ڪهڙو فيصلو ڪيو؟
شيدي کلندي وراڻيو. چيائين اڙي ڊاڙي اها ڳالهه پهريان کان ئي طئي هئي ته وزير اعظم ته ڪنهن مخدوم، پير ۽ وڏيري کي ئي ٿيڻو هو. انهن مان طوطا گولاني جي مٿي تي ويٺو. بس هو بڻجي ويو.
پروفيسر صاحب چيو، شيدا تنهنجي ڳالهه ۾ سئو سيڪڙو سچائي آهي پر گهٽ ۾ گهٽ گيلاني صاحب انهن پيرن مان آهي جنهن وڏيون سختيون برداشت ڪيون آهن پر غداري ڪونه ڪئي. بيڪار ڪيسن ۾ 5 سالن تائين جيل ۾ قيد رهيو. ۽ اها ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته هو وفاقي وزير به رهيو آهي ۽ اسپيڪر به. ان ڪري هن وٽ تجربي سان گڏ وفاداري پڻ آهي. سندس اها ڳالهه زرداري کي پسند هوندي.
شيدي چيو. ها ادا ائين ته آهي پر مان ته رڳو ائين چئي رهيو هوس ته سمورو ڳوٺ مري پر اسين ڪائونسلر ڪونه ٿيندا سين. (هن وري کلڻ شروع ڪيو). وري چيائين ته مان هڪ ٻي ڳالهه سوچي رهيو آهيان. گيلاني اُهو ماڻهون آهي جنهن کي جنرل مشرف جيل ۾ قيد ڪيو هو.
زرداري جي خلاف ڪيس ته فاروق لغاري تيار ڪيا هئا پر گيلاني کي مشرف جيل موڪليو هو. ميان نواز شريف کي به يقين هوندو ته هو ايماندار آهي ۽ ان کي به يقين هوندو ته مشرف جي هٿان ايتري طويل سزا برداشت ڪندڙ مشرف سان گڏجي ڪري سازش ڪيئن ڪندو، ۽ منهنجي لاءِ هي وڏي صفت آهي ڇاڪاڻ ته مشرف سان سندس دشمني آهي.
مان پڇيو.... پر پروفيسر صاحب بلاول زرداري اعلان ڇو نه ڪيو؟
چيائين، هونئن ته چيو پيو وڃي ته بلاول زرداري بيمار آهي پر زرداري ڏٺو هوندو ته جيئن بلاول کي شهزادن ۽ ولي عهدن وانگر پيش ڪيو پيو وڃي ان جو عام ماڻهن تي چڱو اثر نٿو پوي. ان ڪري هن پاڻ به اعلان نه ڪيو، هن پيپلز پارٽي جي ترجمان کان وزير اعظم جو اعلان ڪرايو.
دوڪان ۾ ويٺل ڇوڪرن مان هڪ ڇوڪري چيو، پر توهان سڀئي مونکي ٻڌايو ته هي ساڳيو ئي گيلاني آهي نه جيڪو هڪ جلوس ۾ شيري رحمان جي سيني کي هٿ هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سندس ڳالهه ٻڌي سڀئي کلڻ شروع ڪيو پر ڪنهن وٽ به سندس سوال جو جواب ڪونه هيو. بس شيدي چيو ”ياد اها ڳالهه نه ڪريو، هي گيلاني ۽ شيري جو مسئلو آهي، اسانکي ڪهڙي خبر ته ڇا ٿيو هو“.