جي! تازو ئي وزير اعظم جو حلف کڻندڙ يوسف رضا گيلاني ايشوريا راءِ جي خوبصورتي جو ديوانو آهي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مان جيل ۾ به ايشوريا راءِ جون فلمون ڏسندو هوس. جناب يوسف رضا گيلاني صاحب لتا منگيشڪر جا گانا به پسند ڪندو آهي.
سندس چوڻ هو ته ”جڏهن مان جيل ۾ قيد هوس تڏهن به مان پنهنجي ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر تي ايشوريا راءِ جون فلمون ڏسندو هوس ۽ لتا منگيشڪر جا گانا ٻڌندو هوس. مونکي اها ڳالهه تسليم ٻڌائيندي ڪجهه به نٿو ٿئي ته مان ايشوريا راءِ جو زبردست مداح آهيان“. گيلاني صاحب فلمون ڏسڻ جو شوقين تصور ڪيو وڃي ٿو.
”جيل جي سزا“
2001ع ۾ جناب يوسف رضا گيلاني صاحب پاڪستان نيشنل اسيمبلي جو اسپيڪر هيو ۽ هن مهل عهدي جي ڀڃڪڙي جي الزام ۾ کيس جيل موڪليو ويو هو. هو 2002ع تائين جيل ۾ قيد رهيو.
55 سال جي يوسف رضا گيلاني سندس انٽرويو ۾ ٻڌايو پئي ته جيل ۾ هو حڪام جي رضامندي سان ايشوريا راءِ جي فلمن جون ڊي وي ڊيز گهرائيندا هئا ۽ ايشوريا راءِ جون فلمون ڏسندا هئا ۽ لگا منگيشڪر جا گانا ٻڌندا هئا. گيلاني صاحب تسليم ڪيو آهي ته مان جيل ۾ ايشوريا راءِ جون سموريون فلمون ڏٺيون هيون“.
”پاڪستاني اڳواڻ ۽ بالي وڊ“
ائين پهريون ڀيرو ڪونه ٿيو آهي جڏهن ڪنهن پاڪستاني سياستدان بالي وڊ سان پيار جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستاني صدر جنرل (ر) پرويز مشرف بالي وڊ جون فلمون ۽ اداڪارن کي تمام گهڻو پسند ڪندو آهي. 2003ع ۾ ڀارت ياترا ڪندي جنرل مشرف شاهه رخ خان ۽ راني مکرجي سان ملاقات ڪئي هئي.
پاڪستان جو اڳوڻو صدر جنرل ضياء الحق، فلم اسٽار شترو گهن سنها جو فين هيو ۽ شترو گهن سنها سندس ويجهو دوست به هيو.