پاڪستاني صدر پرويز مشرف مٿان هر پاسي کان تنقيد ٿي رهي آهي پر هڪ پاسو اهڙو به آهي جٿان جنرل مشرف کي ٿڌي هوا اچي رهي آهي ۽ هو پاسو آهي مقابله حسن ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ڇوڪريون جن لاءِ صدر پرويز مشرف ”دلڪش“ آهي.
مس پاڪستان مهليج سرڪاري سندس مصروفيت مان وقت ڪڍي مقابله حسن جي ويب سائيٽ تي صدر مشرف جي باري ڪجهه لکيو آهي. ”پاڪستاني عوام لاءِ هڪ مختصر ڳالهه. عالمي سطح تي حسن جي مقابلي ۾ وڃڻ کانپوءِ اسان ڏٺو آهي ته دنيا جون خوبصورت ڇوڪريون مشرف تي ڪيئن مرنديون آهن. مثبت ٿي ڪري ڏسو. منهنجو ذاتي خيال آهي ته مشرف صاحب تمام سهڻو ماڻهون آهي. ڪجهه پاڪستاني سياستدان هڪ ڳالهه سان متفق نه هوندا پر اهي سهڻيون ڇوڪريون ته جنرل مشرف کي پسند ڪنديون آهن. کيس چُمنديون آهن“.
”جيئن توهانکي خبر آهي ته بينظير، سموري دنيا جو عوام کيس سهڻو چوندا هئا. ساڳئي ريت جنرل مشرف به ”دلڪش“ آهي. هن ۾ ايتري ڪشش آهي ته هو نوجوان ڇوڪرين کي ديوانو بڻائي سگهي ٿو“.
مهليج سرڪاري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن صدر مشرف کيس ”ڊيٽ“ تي هلڻ لاءِ چوندو ته هو انڪار نه ڪري سگهندي. سندس چوڻ آهي ته ”صدر مشرف مونکي سهڻو لڳندو آهي“. مهليج سرڪاري ائين به چيو آهي ته سندس خيال آهي ته ”ڪجهه به ٿئي، پر مشرف جي ذال به اهو تسليم ڪندي ته سندس مڙس (وڏي شئي) آهي.“
سونيا احمد مس پاڪستان مقابله حسن سان واسطو رکندي آهي، سندس چوڻ آهي ته مان به مشرف جي ديواني آهيان. مقابله حسن جي ويب سائيٽ تي ڪيترن ئي خوبصورت ڇوڪرين جون تصويرون آهن جيڪي صدر مشرف جون تصويرون کڻي بيٺل آهن، کيس چميون ڏئي رهيون آهن، ”مُشي! (مشرف) اسين تون تي قربان آهيون“.