برطانيه جو اڳوڻو وزير اعظم ٽوني بليئر هڪ ريل گاڏي ۾ بغير ٽڪيٽ سفر ڪندي پڪڙجي ويو ۽ پڪڙجي وڃڻ کانپوءِ هن ٽڪيٽ نه وٺڻ جو ڪارڻ ڄاڻايو ته وٽس ڪرائي جا پئسا ڪونه هئا.
جون ۾ وزير اعظم جو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ هن تقريرن جي ذريعي پنج لک پائونڊ جي رقم ڪمائي آهي ۽ هاڻ جڏهن هو آمريڪا وڃڻ لاءِ هيٿرو ائرپورٽ ڏانهن وڃي رهيو هو ته هڪ ٽڪيٽ ڪليڪٽر جي ور ڇڙهي ويو.
ٽوني بليئر ٻڌايو آهي ته وٽس ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ 24.50 پائونڊ ڪونه هئا ڇاڪاڻ ته سندس پئسا چوري ٿي چُڪا هئا. خبر ڏيندڙ اخبار ٻڌايو آهي ته ٽوني بليئر جي باڊي گارڊ ٻڌايو آهي ته آئون ٽڪيٽ وٺڻ چاهي پر ٽڪيٽ چيڪر کيس مفت سفر ڪرڻ جي اجازت ڏني.